Book Name:Ronay Wali Ankhain Mango
اهو جيڪو پاڻ عرض ڪيائون، اهو عرض ڪرڻ يقيناً گناهه به نه هو، خطا به نه هئي، ان جي باوجود به اهڙي عرض ڪرڻ تي کين تمام گهڻي ندامت ٿي، جنهن جي ڪري پاڻ 300 سالن تائين روئندا رهيا.([1]) * حضرت داؤد عَلَیْهِ السَّلَام به الله پاڪ جا نبي آهن، اُهي به خوفِ خدا ۾ خوب ڳوڙها وهائيندا هئا۔ روايتن ۾ آهي ته انهن جي لاءِ باقاعدي منبر وڇايو ويندو هو، ماڻهو سندن خدمت ۾ حاضر ٿيندا هئا، پاڻ منبر تي ويهي خوب روئندا هئا، ايترو ته روئندا هئا جو ماڻهن تي به رقت طاري ٿي ويندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن ته هن اجتماع مان ڪيترائي جنازا به کڄندا هئا([2]) * حضرت يحيٰ عَلَیْهِ السَّلَام ته خوفِ خدا جي ڪري روئڻ ۾ تمام گهڻو مشهور آهن، روايتن ۾ آهي ته: پاڻ عَلَیْهِ السَّلَام ايترو ته روئندا هئا جو سندن مبارڪ ڳَلَن ۾ کڏا پئجي ويندا هئا، سندن امي جان انهن کڏن ۾ ڪپهه رکي ڇڏيندي هئي، پاڻ وري روئندا هئا ۽ اها ڪپهه ڳوڙهن سان آلي ٿي ويندي هئي، سندن امي جان ٻيهر اها ڪپهه ڪڍي نِپوڙينديون هيون، ۽ ٻيهر ساڳيءَ جاءِ تي رکي ڇڏينديون هيون.([3]) * حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام جڏهن نماز لاءِ بيهندا هئا ته خوفِ خدا جي سبب سندن مبارڪ سيني مان هنڊيءَ جي اُٻرڻ جهڙو آواز ايندو هو جيڪو پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندو هو.([4])
پيارا اسلامي ڀائرو! الله جي خوف سبب روئڻ، اکين مان ڳوڙها وَهائڻ، جڏهن ته اخلاص سان هجي، رياڪاري ۽ ڏيکاءَ لاءِ نه هجي ته اِها به باقاعده هڪ نيڪي آهي ۽ ايڏي وڏي نيڪي آهي جو جهنم کان آزادي ڏياري ڇڏيندي آهي.
حديث پاڪ ۾ آهي: رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: خوفِ خدا سبب روئڻ وارو جهنم ۾ داخل نه ٿيندو، ايستائين جو ڏُڌَل کير ٿڻن ۾ واپس موٽي وڃي. يعني جيئن ٿڻن مان نڪتل کير ٿڻن ۾ واپس موٽي وڃي نه ٿو سگهي، تيئن ئي الله جي خوف سبب روئڻ وارو جهنم ۾
[1]... الزواجر، مقدمہ، جلد:1، صفحہ:35 بتغیر قلیل۔
[2]... احیاء العلوم، کتاب الخوف و الرجاء، بیان احوال الانبیا...الخ، جلد:4، صفحہ:222-223 ملخصاً۔
[3]... احیاء العلوم، کتاب الخوف و الرجاء، بیان احوال الانبیا...الخ، جلد:4، صفحہ:223-224ملخصاً۔
[4]... احیاء العلوم، کتاب الخوف و الرجاء، بیان احوال الانبیا...الخ، جلد:4، صفحہ:222۔