Book Name:Ronay Wali Ankhain Mango
نيت ڪريو! *الله پاڪ جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس * بَاادب ويهندس * خوب تَوَجُّه سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پهريان کِلِيا، پوءِ روئي ڏنائون
حضرت زياد عَنۡبَري رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ هڪ بزرگ ٿي گذريا آهن۔ هڪ دفعي پاڻ پنهنجي دوستن سان گڏ ويٺا هئا، ڳالهيون ٿي رهيون هيون، ان دوران ڪا اهڙي ڳالهه ٿي جنهن تي پاڻ کِلڻ لڳا ۽ کلندي کلندي سندن ٽَهڪ بلند ٿي ويا۔
هن کلڻ دوران اوچتو خبر ناهي کين ڪهڙو خيال آيو، جو فوراً کِلَ روڪي اَسْتَغْفِرُ اللہ! پڙهيائون، ان سان گڏ ئي سندن مٿان رقت طاري ٿي وئي ۽ خوب روئڻ لڳا۔ ايترو ته رُنا جو اُتي موجود دوستن مان ڪنهن کي به ڪجهه ڪُڇڻ يا پُڇڻ جي همت نه ٿي.
اهو ڏينهن گذري ويو، ٻئي ڏينهن جڏهن ٻيهر سڀئي دوست گڏ ٿيا ته انهن مان ڪنهن کين عرض ڪيو: عالي جاهه! کِلندي کِلندي ايترو جلدي بلڪل هڪدم روئڻ به اچي ويندو آهي ۽ ماڻهو ايڏو روئندو آهي، اهو اسان ڪلهه پهريون ڀيرو ڏٺو.
ظاهر آهي جڏهن ماڻهو کِلي رهيو هوندو آهي ته ان وقت سندس دل ۾ خوشيءَ جا جذبا هوندا آهن، اهي جذبا اوچتو ئي اوچتو غم ۾ ڪيئن بدلجي سگهن ٿا؟ دوستن جي سوال تي حضرت زياد عنبري رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ جن جيڪو جواب ڏنو، پنهنجي روئڻ جو جيڪو سبب ٻڌايو، اُهو دل جي ڪنن سان ٻڌو! فرمايائون: جڏهن مان کِلي رهيو هئس ته ان ئي وقت مون کي پنهنجو هڪ گناهه ياد اچي ويو، مان واقعي خوش هئس پر جيئن ئي گناهه ياد آيو ته ان جي انجام ۽ سزا جو سوچي دل تي غم ڇانئجي ويو ۽ مون کي روئڻ اچي ويو.
پاڻ جڏهن اهو جواب ڏئي رهيا هئا (يعني ڪالهه جي روئڻ جو سبب ٻڌائي رهيا هئا) ته ٻڌائيندي ٻڌائيندي ٻيهر مٿس رقت طاري ٿي وئي ۽ پاڻ ٻيهر