Book Name:Ronay Wali Ankhain Mango
به دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ به خوب وڌي چڙهي حصو وٺندا ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين و دنيا جون بيشمار برڪتون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم فجر لاءِ جاڳائڻ به آهي.
نمازِ فجر لاءِ جاڳائڻ سُنَّتِ مصطفيٰ آهي: * الله پاڪ جا آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فجر لاءِ ويندي سُتلن کي جاڳائيندا هئا.([1]) * مسلمانن جا ٻيا خليفا حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو به اهو ئي انداز هو([2]) ۽ * مسلمانن جا چوٿان خليفا حضرت عليُّ الْمُرْتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ به هن پياري پياري سُنّت جا عامل هئا.([3]) اوھان به هي سُنَّت اپنايو! نمازِ فجر لاءِ جاڳائيندا ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻيون برڪتون ملنديون. * ٻين کي جاڳائيندا ته پاڻ کي به نمازِ فجر باجماعت پڙهڻ جي سعادت ملندي. * صبح صبح نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب ملندو. * اوھان جي جاڳائڻ سان جيترا ماڻهو نماز پڙهندا، انهن سڀني جي نمازن جو ثواب انهن کي به ملندو ۽ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اوھان جي اعمال نامي ۾ به لکيو ويندو. * صبح صبح پيادل هلڻ جو موقعو ملندو ته صحت سٺي رهندي. * هڪ اهم فائدو اهو ته مسجد جي رونق وڌي ويندي. ڪا به مشڪل ناهي، جماعت جي وقت کان 20، 25 منٽ اڳ اٿي وڃو! نماز فجر لاءِ ته وڃڻو ئي آهي، سڏ ڪندا هليا وڃو! مسجد به پهچي ويندا ۽ الله پاڪ جي فضل سان نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب به ملي ويندو. نيت ڪري وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! نماز فجر لاءِ جاڳائيندو رهندس. اوهان جي ترغيب لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌايان ٿو.
سرڪار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاهه مان سڏ اچي ويو.
پنجاب جي علائقي اِلٰه آباد (ضلعي قصور) جي رهاڪو هڪ اسلامي ڀاءُ جي