Ronay Wali Ankhain Mango

Book Name:Ronay Wali Ankhain Mango

خوفِ خدا سبب روئڻ جا طريقا

* ڪڏهن اڪيلائي ۾ ويهي قبر کي ياد ڪندا ڪريو * قيامت جي ڏينهن قبرن مان اٿڻو آهي، ان اٿڻ کي ياد ڪندا ڪريو * الله پاڪ جي بارگاهه ۾ حاضري جو تصور ڪندا ڪريو * جهنم جي خوفناڪ سزائن کي ياد ڪندا ڪريو * پل صراط کي ياد ڪندا ڪريو، ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دل نرم ٿيندي ۽ خوفِ خدا سبب روئڻ نصيب ٿي ويندو.

دل کي پاڪ ڪريو

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جا بزرگانِ دين هميشه روئندا ئي رهندا هئا. اڄ اسان جيترو کِلندا آهيون، ان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ اهي روئندا هئا. اسان جي حالت ڪجهه اهڙي آهي جو چاهڻ جي باوجود به روئڻ نه ايندو آهي. ان جو سڀ کان وڏو سبب دل جي سختي آهي. جيڪڏهن خوفِ خدا ۽ عشقِ مصطفيٰ ۾ روئڻ جي سعادت حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته ان جي لاءِ دل کي پاڪ رکڻو پوندو! گناهن کان پري رهڻو پوندو! دل جيتري نرم هوندي، اکين مان ڳوڙها اوترائي وڌيڪ نڪرندا.

تنهنڪري دل جي سختي ختم ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! خوفِ خدا سبب روئڻ نصيب ٿي ويندو.

دل جي سختيءَ جا ڪجهه سبب

اي عاشقانِ رسول! دل سخت ٿيڻ ۽ ان تي زنگ لڳڻ جا ڪيترائي سبب (Reasons) آهن: مثلاً * فضول گوئي (يعني بغير ضرورت جي ڳالهائيندو رهڻ) سان دل سخت ٿيندي آهي. پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: ذڪر الله کانسواءِ وڌيڪ ڪلام نه ڪريو! بيشڪ گهڻو ڳالهائڻ دل کي سخت ڪري ڇڏيندو آهي. ([1]) * ائين ئي گهڻو کلڻ سان به دل سخت ٿيندي آهي، حديث شريف ۾ آهي: اِنَّ کَثْرَۃَ الضِّحْکِ تُمِیْتُ الْقَلْبَ بيشڪ گهڻو کلڻ دل


 

 



[1]...ترمذی، کتاب الزہد،باب ما جاء فی حفظ اللسان، صفحہ:573، حدیث:2411۔