Book Name:Bhayanak Qabrain
لِڪِي گناهه ڪرڻ جو عذاب
حضرت عبداللہ بن زيد رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: مان چنڊ جي شروعاتي راتين ۾ قبرستان جي ڀرسان گذري رهيو هيس ته هڪ ماڻهوءَ کي قبر مان نڪرندي ڏٺو، جيڪو زنجير سان ٻڌل هو پوءِ مون ڏٺو ته هڪ ٻئي ماڻهوءَ ان زنجير کي پڪڙي رکيو آهي، هن ٻئي ماڻهوءَ ٻاهر نڪرڻ واري شخص کي پاڻ ڏانهن ڇِڪيو ۽ ان کي قبر ۾ واپس موٽائي ڇڏيو، پوءِ مون ان کي ان مُردي کي ماريندي ڏٺو ۽ مُردو چئي رهيو هو: ڇا مان نماز نه پڙهندو هيس؟ ڇا مان جنابت کان غسل نه ڪندو هئس؟ ڇا مان روزا نه رکندو هئس؟ جنهن تي ان مارڻ واري جواب ڏنو: ها ها! ڇو نه(تون واقعي اِهي ڪم ڪندو هئين) پر جڏهن تون اڪيلو ٿيندو هئين ته گناهه ڪندو هئين ۽ ان وقت الله پاڪ کان نه ڊڄندو هئين. ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو آهي ته ڪيترائي اهڙا نمازي آهن جن جون نمازون برباد ڪري ڇڏيون وينديون، ڪيترائي اهڙا روزيدار آهن جن جا روزا کين ڪو به اجر نه ڏيندا، ڪيترائي اهڙا نيڪ عمل ڪندڙ آهن جن جون نيڪيون ذَرن وانگر برباد ڪري ڇڏيون وينديون، ڇو..؟ ان ڪري جو اهي تنھائيءَ ۾ پنهنجي رب کي ناراض ڪرڻ وارا هوندا.
حديث پاڪ ۾ آهي: آخري نبي، مُحَمَّد عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو ته: مان پنهنجي اُمَّت مان انهن ماڻهن کي سڃاڻان ٿو ته جڏهن اهي قيامت جي ڏينهن ايندا ته انهن جون نيڪيون تهامه جي جبلن وانگر هونديون پر الله پاڪ انهن کي روشندان مان نظر ايندڙ مٽيءَ جي ڦهليل ذرن وانگر (بي وقعت) ڪري ڇڏيندو. حضرت ثوبان رَضِيَ اللهُ عَنۡهُ عرض ڪيو ته: يا رسولَ اللهِ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اسان جي سامهون انهن ماڻهن جو صاف صاف حال بيان فرمائي ڇڏيو ته جيئن اسين ڄاڻندي انهن ماڻهن ۾ شريڪ نه ٿي وڃون. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو ته: اُهي توهان جا ڀائر، توهان جي ئي قوم جا هوندا، راتين جو توهان وانگر عبادت ڪندا، پر اهي ماڻهو تنھائيءَ ۾ خراب ڪمن