Bhayanak Qabrain

Book Name:Bhayanak Qabrain

قبر کي روشن ڪرڻ وارا ڪَمَ

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان تي لازم آهي ته قبر کي روشن ڪرڻ وارا ڪم ڪريون ۽ قبر ۾ عذاب جو سبب بڻجڻ وارن ڪمن کان باز رهون. مثلاً * قبر کي روشن ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهرين شيءِ عقيدو آهي * اللہ پاڪ جي مُتَعَلِّق * ان جي رسولن مُتَعَلِّق * صحابه و اَہلِ بيت جي مُتَعَلِّق * اولياءِ ڪِرام جي مُتَعَلِّق  اسان جو عقيدو بلڪل درست ۽ قرآن ۽ سنت جي مطابق هئڻ گهرجي.

پيارا اسلامي ڀائرو! * اهڙي طرح تِلاوت ڪرڻ جي عادَت اختيار ڪريو! خاص طور روزانو رات جو سورة الْمُلْك شريف لازمي پڙهندا ڪريو! حديث پاڪ ۾ هن مبارَڪ سُورت کي قبر جي عذاب کان بچائڻ واري سورت فرمايو ويو آهي.[1] هن ۾ 30 آيتون آهن، پنجن کان ڏهن منٽن ۾ آسانيءَ سان پڙهي سگهجي ٿي، جيڪي حافِظ آهن، اهي ته اڃان به وڌيڪ آسانيءَ سان پڙهي سگهن ٿا، تنهنڪري روزانو رات جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو ضرور سورة الْمُلْك شريف پڙهندا ڪريو! * پنج ئي نمازون باجماعت مسجد ۾ ادا ڪرڻ * زڪوات فرض هجي ته ادا ڪرڻ * روزا رکڻ ۽ * ماڻهن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ به قبر جي عذاب کان بچڻ جا سبب آهن۔ حضرت ابوہريرہ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کان مروي آهي ته غيبن تي خبردار نبي، جهانن جي لاءِ رحمت نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ان ذات جو قسم! جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي! جڏهن مُردي کي قبر ۾ رکيو ويندو آهي ته هو واپس وڃڻ وارن جي جُوتن جا آواز ٻڌندو آهي، جيڪڏهن مومن هوندو ته نماز ان جي مٿن کان، زڪوات ساڄي پاسي کان، روزو کاٻي پاسي کان ۽ ٻيون ڀلايون ۽ نيڪيون ۽ ماڻهن سان سٺو ورتاءُ سندس پيرن جي طرف کان  اچي ويندا آهن، جڏهن مٿي جي طرف کان عذاب ايندو آهي ته نماز چوندي آهي: هتان تنهنجي لاءِ ڪو رستو نه آهي۔ ساڄي پاسي  کان ايندو آهي ته زڪوات چوندي آهي


 

 



[1] مشکاۃ المصابیح، کتاب فضائل القرآن، جز:2، جلد:1، صفحہ:408، حدیث:2176۔