Book Name:Bhayanak Qabrain
ڪمائيندا آهن۔ هي به ممڪن آهي ته ڪو شخص نمازي، روزيدار ۽ حلال روزي ڪمائڻ وارو هجي پر ڏاڙهي ڪُوڙائڻ وارو هجي ۽ مرڻ کان پوءِ رڳو اِنَ ئي جرم جي ڪري کيس قبر جي عذاب ۾ مبتلا ڪيو وڃي۔
ڪارا وِڇُون
ڪوئٽه جي هڪ ويجهي ڳوٺ ۾ ڪنهن ڏاڙهي، مُڇُون ڪُوڙائڻ واري (Clean Shave) نوجوان جو لاوارث لاش مليو۔ ضروري ڪارروائي کان پوءِ ماڻهن گڏجي ان کي دفن ڪري ڇڏيو۔ ايتري ۾ مرحوم جا وارث کيس ڳوليندي ڳوليندي اچي پهتا ۽ انهن ماڻهن جي سامهون پنهنجي هن خواهش جو اظهار ڪيو ته اسان پنهنجي هن عزيز جي قبر پنهنجي ڳوٺ ۾ ٺاهڻ چاهيون ٿا تنهنڪري قبر تان مِٽِي کوٽي هٽائي وئي ۽ جڏهن منهن جي پاسي کان تختو هٽايو ويو ته هي ڏسي ماڻهن جون دانهون نڪري ويون ته جنهن نوجوان کي ٿوري دير پهريان دفن ڪيو ويو هو ان جي منهن تي ڪاري ڏاڙهي آهي ۽ اها ڏاڙهي ڪارن وارن جي نه پر ڪارن وِڇُن جي آهي۔ هي دل ڏَڪائيندڙ منظر ڏسي ماڻهو اِسْتِغْفار پڙهڻ لڳا ۽ جيئن تيئن قبر بند ڪري خوفزده واپس هليا ويا.
پيارا اسلامي ڀائرو! زندگيءَ تي ڪهڙو اعتبار! ڪهڙي خبر ڪنهن ڏاڙهي ڪُوڙائڻ واري نوجوان جو اڄ ئي موت ٿي وڃي ۽ قبر ۾ ان جي ڪاري ڏاڙهيءَ جي جاءِ تي ڪارا وڇون قبضو ڄمائي ڇڏين! اهڙي طرح ڪنهن ڏاڙهي ڪُوڙائڻ واري پوڙهي شخص جو اوچتو انتقال ٿي وڃي ۽ قبر ۾ ان جي اڇي ڏاڙهيءَ جي جاءِ تي اڇا وڇون قابِض ٿي وڃن، تنهنڪري ان کان پهريان جو اسان موت جو شڪار ٿي وڃون اسان کي توبهه ڪري پنهنجي منهن تي سُنت جي مطابق ڏاڙهي شريف سجائڻ گهرجي.
آقا ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم زار و زار روئڻ لڳا ...!
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان اڃان جيئرا آهيون، اڄ اسان وٽ وقت آهي، اسان تَوبهه ڪري اڳين گُنَاهن کي بخشرائي سگهون ٿا، نيڪ ڪم ڪري