Bhayanak Qabrain

Book Name:Bhayanak Qabrain

تعزيت لاءِ ويس ته ڏٺم ته هو تمام گهڻو غمگين هو۔ چوڻ لڳو: جڏهن مان پنهنجي ڀاءُ کي دفن ڪري فارغ ٿيس ته مون هڪ قبر مان دانهُون ڪرڻ جو آواز ٻڌو، مون دل ۾ سوچيو، هي ته  منهنجي ڀاءُ جو آواز آهي، هاڻي مان جلدي جلدي پنهنجي ڀاءُ جي قبر تان مٽي هٽائڻ لڳس ته ايتري ۾ مون کي هڪ غيبي آواز ٻڌڻ ۾ آيو: اي الله جا ٻانها! قبر نه کوٽِ، مون مِٽِي ٻيهر قبر تي وجهي ڇڏي پر جيئن ئي مان اتان وڃڻ لڳس ته مون کي آواز آيو ”مون کي بچايو، مون کي بچايو“ مون چيو: الله جو قسم هي ته منهنجي ڀاءُ جو آواز آهي، هاڻي مان ٻيهر جلدي جلدي ان جي قبر تان مٽي هٽائڻ لڳس ايتري ۾ مون کي ٻيهر غيبي آواز ٻڌڻ ۾ آيو: اي خدا جا بندا! قبر نه کوٽِ، مون مٽي واپس قبر تي وجهي ڇڏي ۽ جيئن ئي وڃڻ لڳس ته وري به ساڳيو ئي آواز ٻڌڻ ۾ آيو: مون کي بچايو، مون کي بچايو، مون سوچيو: بخدا! هاڻي ته مان ضرور قبر کوٽيندس، جڏهن مان پنهنجي ڀاءُ جي قبر کوٽي ڏٺي ته ان جي ڳچي باھ جي زنجير سان جڪڙيل هئي ۽ سڄي قبر باھ سان ڀريل هئي، اهو خوفناڪ منظر ڏسي مون کان رهيو نه ٿيو ۽ مان ان زنجير کي هٽائڻ لاءِ جيئن ئي ان تي پنهنجو هٿ رکيو ته منهنجيون آڱريون سَڙِي منهنجي هٿ کان الڳ ٿي ڪِري پيون۔ حضرتِ ابو سنان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: ان پنهنجو هٿ اسان کي ڏيکاريو ته واقعي ان جون 4 آڱريون ڪو نه  هيون۔ ([1])

قبر جو کڏو انتهائي خوفناڪ آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! قبر جو کڏو تمام خوفناڪ آهي۔ هي اهڙو کڏو آهي، جيڪو ان کي کوٽيندو آهي، ان تي به وحشت طاري ٿي ويندي آهي * جيڪو هن کڏي کي ڏسندو آهي، اهو به وحشت کائيندو آهي *  خالي قبر کوٽيل هجي، ان جي ڀرسان اڪيلو ماڻهو نه ويهي سگهندو آهي، جيڪڏهن ويهي به وڃي ته وحشت ٿيڻ لڳندي آهي. هاڻي غور فرمايو ته جڏهن هن کڏي کي ڏسڻ وحشتناڪ آهي، ان کي کوٽڻ وحشتناڪ آهي، ان جي ويجهو ويهڻ وحشتناڪ آهي ته پوءِ هِن کڏي جي اندر وڃڻ ڪيڏو نه وحشتناڪ هوندو...؟ پر افسوس!


 

 



[1]... شرح الصدور، صفحہ:177۔