Bhayanak Qabrain

Book Name:Bhayanak Qabrain

گستاخِ صحابه لعنت جو حقدار آهي

حضرت عُوَيم بِن سَاعِدَہ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کان روايت آهي ته سرڪارِ نامدار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: بيشڪ اللہ پاڪ مون کي منتخب فرمايو ۽ منهنجي لاءِ منهنجي اصحابن کي پسند فرمايو، پوءِ انهن مان ئي منهنجا وزير، معاون ۽ رشتيدار بڻايا، فَمَنْ سَبَّہُمْ فَعَلَیْہِ لَعْنَۃُ اللّٰہِ وَالْمَلَائِکَۃِ وَالنَّاسِ اَجْمَعِیْنَ تنهنڪري جيڪو انهن کي گار ڏي، ان جي مٿان * اللہ پاڪ *   ان جي فرشتن *  ۽ سڀني ماڻهن جي لعنت آهي، لَایَقْبَلُ اللّٰہُ مِنْہُ یَوْمَ الْقِیَامَۃِ صَرْفًا وَّلَا عَدْلًا  قيامت جي ڏينهن الله پاڪ نه ان جو ڪو فرض قبول فرمائيندو ۽ نه ئي ڪو نفل. ([1])

هڪ حديث شريف ۾ آهي: منهنجي اصحابن جي باري ۾ اللہ پاڪ کان ڊڄندا رهو، مون کان پوءِ انهن کي (پنهنجي  تهمتن ۽ بڇڙين ڳالهين جو) نشانو نه بڻائجو، پوءِ جنهن انهن سان محبت ڪئي، ان مون سان محبت جي ڪري ائين ڪيو ۽ جنهن انهن سان بغض رکيو ته ان (حقيقت ۾) مون سان بغض جي ڪري ائين ڪيو، جنهن انهن کي تڪليف پهچائي، ان مون کي تڪليف پهچائي ۽ جنهن مون کي تڪليف پهچائي، ان اللہ پاڪ کي تڪليف پهچائي ۽ جيڪو اللہ پاڪ کي تڪليف پهچائيندو، عنقريب اللہ پاڪ ان جي پڪڙ فرمائيندو. ([2])

حديث پاڪ ۾ آهي: وَمَنْ اَسَاءَ الْقَوْلَ فِیْ اَصْحَابِیْ کَانَ مُخَالِفاً لِسُنَّتِیْ جنهن منهنجي اصحابن جي باري ۾ ڪا بري ڳالهه ڪئي ته اهو مهنجي رستي تان هٽي ويو، وَمَأْوَاہُ النَّارُ وَبِئْسَ الْمَصِیْرُ ۽ ان جو ٺڪاڻو باھ آهي ۽ ڪيڏي نه بڇڙي جڳهه آهي موٽڻ جي. ([3])

  اللہ پاڪ اسان کي صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم جو خوب ادب ۽ احترام ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  .


 

 



[1]...التاریخ الکبیر لابن ابی خیثمہ(السفر الثانی)، جلد:1، صفحہ:680-681، حدیث:2844۔

[2]...فضائل الصحابہ لابن حنبل، جز:1، صفحہ:48، حدیث:1۔

[3]... الریاض النضرۃ ،  الباب الاول، ذکر ماجاء فی الحث... الخ، جز:1، صفحہ:20، حدیث:28۔