Bhayanak Qabrain

Book Name:Bhayanak Qabrain

کب گناہوں سے کَنارا میں کروں گا یاربّ! نیک کب اے مِرے اللہ ! بنوں گا یا ربّ!

کب گناہوں کے مَرض سے میں شفا پاؤں گا         کب میں بیمار مدینے کا بنوں گا یاربّ! ([1])

نمازي ۽ روزيدار به قبر جي عذاب ۾ گرفتار

      حضرت علّامه اَبُو الْفَرَج عبد الرحمٰن بن جوزي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا ته هڪ شخص جو چوڻ آهي: اسان 2 ماڻهن هڪ دفعي قبرستان ۾ نمازِ مغرب ادا ڪئي، ٿوري دير کان پوءِ مون کي هڪ قبر مان روئڻ جو آواز اچڻ لڳو، مان ويجهو ويس ته ڪو چئي رهيو هو: هاءِ مان ته نمازون پڙهندو هئس ۽ روزا به رکندوهئس. مون پنهنجي ساٿيءَ کي ان طرف توجهه ڏياري ته ان به ويجهو اچي ساڳيو آواز ٻڌو ۽ پوءِ اسان ٻئي اتان هليا آياسين۔ ٻئي ڏينهن مون ٻيهر ساڳئي ئي قبرستان ۾ نماز پڙهي، مقرر وقت تي وري به ساڳي ئي قبر مان مون کي ساڳيو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ته: هاءِ مان ته نمازون پڙهندو هئس ۽ روزا به رکندو هئس. اهو آواز ٻڌي مون تي ايتري ته دہشت طاري ٿي وئي جو مان گهر اچي لڳاتار 2 مهينن تائين بيمار رهيس. ([2])

      پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته ڪڏهن ڪڏهن نمازي ۽ روزيدار به قبر جي عذاب ۾ گرفتار ٿي ويندا آهن، شايد ان جو سبب هي ٿي سگهي ٿو ته هُو روزا رکڻ ۽ نمازون پڙهڻ سان گڏوگڏ گناهه به ڪري رهيا هجن، جيئن اڄڪلهه ڪجهه ماڻهو رمضان ڪريم ۾ ٽائيم پاس ڪرڻ جي بهاني تاسَ ۽ شَطرنج ۽ لُوڊو وغيرهه کيڏندا آهن، جڏهن ته قرآن پاڪ جي تلاوت ۽ ذِڪراللہ ڪري، نعتون ٻڌي به پنهنجي قيمتي وقت کي نيڪ ڪمن ۾ گذاري سگهجي ٿو۔ اهڙي طرح ڪيترائي ماڻهو نمازون به پڙهندا آهن، روزا به رکندا آهن پر ان سان گڏوگڏ * ڪوڙ به ڳالهائيندا آهن * گاريون به ڏيندا آهن * ڪاروبار ۾ ٺڳيون به ڪندا آهن* وياج کائيندا آهن ۽ حرام روزي


 

 



[1].. . الزواجر، مقدمہ، جلد:1، صفحہ:26۔

[2]... عیون الحکایات، صفحہ:304 ملخصاً۔