Book Name:Bhayanak Qabrain
جا مرتڪب ٿيندا. ([1])
هڪ ٻي روايت ۾ آهي ته: اُهي ماڻهو نماز پڙهندا هوندا، روزا رکندڙ هوندا، ننڊ مان جاڳي راتين جو قيام ڪندا هوندا پر جڏهن سندن سامهون ڪا حرام شيءِ پيش ڪئي وڃي ته هو ان تي ٽپي پوندا هوندا، ته الله پاڪ سندن عمل باطل ڪري ڇڏيندو. ([2])
حضرت ابراہيم تيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه به بيان ڪيو آهي پاڻ فرمائن ٿا: مان موت کي ياد ڪرڻ جي نيت سان ڪثرت سان قبرستان ڏانهن ويندو رهندو هئس، هڪ رات مان قبرستان ۾ هيس ته مون تي ننڊ غالب ٿي وئي ۽ مان سمهي پيس، مون خواب ۾ هڪ کُلِيل قبر ڏٺي ۽ هڪ چوڻ واري کي هي چوندي ٻڌو ته هي زنجير وٺو ۽ هِن جي وات ۾ داخل ڪري سندس شرمگاهه مان ڪڍو! جنهن تي اهو مُردو چوڻ لڳو: ياالله! ڇا مان قرآن نه پڙهندو هئس؟ ڇا مان تنهنجي حرمت واري گهر جو حج نه ڪندو هئس؟ پوءِ هو ائين ئي پنهجون هڪ هڪ ڪري نيڪيون ڳڻائڻ لڳو ته مون هڪ چوڻ واري کي هي چوندي ٻڌو: تون ماڻهن جي سامهون اُهي عمل ڪندو هئين پر جڏهن اڪيلو ٿيندو هئين ته نافرمانين جي ذريعي مون سان اعلانِ جنگ ڪندو هئين ۽ مون کان نه ڊڄندو هئين.([3])
اللہُ اکبر...!! اي عاشقانِ رسول! تصور ڪريو! ڪير آهي جيڪو اهڙو خطرناڪ ترين عذاب سَهِي سگهي ٿو...!! يقيناً اسان مان ڪنهن کي به ان جي برداشت ڪرڻ جي همت نه هوندي پر افسوس! اسان ڊڄي نه رهيا آهيون، غفلت ۾ گُم آهيون، سُستي ڪري رهيا آهيون، ماڻهن کان شرمائي ڀلي گُنَاهه ڇڏي ڏيون، بُرا ڪم ڪرڻ کان باز رهون پر اڪيلائي ۾ اهڙو ته گناهن جو سلسلو هوندو آهي جو اَلْاَمَان وَالْحَفِیظ ...!!