Bhayanak Qabrain

Book Name:Bhayanak Qabrain

درود و سلام موبائل ايپلي ڪيشن

اي عاشقان رسول! اَلحمدُ لِلّٰہ! دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊپارٽمنٽ طرفان هڪ تمام پياري موبائل ايپلي ڪيشن: درود  و  سلام (Durood-o-Salam)  جي نالي سان جاري ڪئي وئي آهي * هن  ايپلي ڪيشن ۾ درود شريف موجود آهن جن کي توھان ڪنهن به وقت پڙهي سگهو ٿا يا انهن کي پنهنجي موبائل اَن لاڪ ٽيون (Unlock Tune) طور سيٽ ڪري سگهو ٿا، جنهن سان اوھان جيئن ئي  پنهنجو فون آن ڪندا ته ازخود (Automatically) درود پاڪ هلڻ لڳندو * هيءَ سهولت به ڏني وئي آهي ته اوھان موبائل کي اَن لاڪ ڪريو ته اهو درود پاڪ اوھان جي موبائل جي اسڪرين تي نظر اچي ان جي برڪت هيءَ ٿيندي ته اوھان پهريان درود پاڪ پڙهندا پوءِ موبائل استعمال ڪندا۔ وڌيڪ هي ته اسڪرين تي نظر اچڻ واري درود پاڪ جو فونٽ به پنهنجي مرضيءَ سان سيٽ ڪري سگهو ٿا * موبائل  آن ٿيڻ   تي جيترا دفعا درود شريف پڙهيو ويندو ان جو تعداد  خود بخود  درج ٿيندو رهندو * اوھان پنهنجي مرضيءَ سان درود پاڪ جو آواز (volume) ايڊجسٽ ڪري سگهو ٿا * ان جو سڀ کان اهم فائدو هي آهي ته اسان کي روزانو پنهنجي درود پاڪ پڙهڻ واري نيڪ عمل کي مڪمل ڪرڻ ۾ مدد ملندي۔ هن ايپلي ڪيشن کي پاڻ به ڊائون لوڊ ڪريو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

نومبر مهينو، قافلن جو مهينو

      پيارا اسلامي ڀائرو!  ماهِه نومبر ماههِ قافله۔ جي ڌوم ڌام آهي۔ اَلحمدُ لِلّٰہ! سڄي ملڪ مان عاشقانِ رسول * 12 مهينا * هڪ مهينو * 12 ڏينهن * ۽ 3 ڏينهن جي قافلن ۾ سفر ڪري رهيا آهن۔ راہهِ خُدا ۾ سفر ڪرڻ تمام فضيلت وارو ڪم آهي  ۽ نبين جي سنت آهي۔