Bhayanak Qabrain

Book Name:Bhayanak Qabrain

مدني ڪورسز به آهي.

                                  اَلحمدُ لِلّٰہ! * دعوتِ اسلامي عِلمِ دين جو نور ڦهلائڻ واري دِيني تحريڪ آهي * گهٽ ۾ گهٽ فرض عِلْمِ دين جهڙوڪ: وُضو، غُسل،  نماز، نمازِ جنازہ، روزو، زڪوات وغيره جا ضروري مسئلا ته هر مسلمان سکي وٺي،  دعوتِ اسلامي اهڙو عزم رکي ٿي * ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي ڪيترائي ننڍا ننڍا ڪورسَ (Short Courses) ڪرائيندي آهي مثلاً: * 7 ڏينهن جو فيضانِ نماز ڪورس * 7 ڏينهن جو 12 ديني ڪم ڪورس * 7 ڏينهن جو اصلاحِ اعمال ڪورس وغيره ۽ ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ڪورسَ ڪرايا ويندا آهن.

      اوھان به اِهي ننڍا ننڍا ڪورسَ ڪري وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻيون برڪتون حاصل ٿينديون * دِين سکندﺆ ته اللہ پاڪ راضِي ٿيندو * رزق ۾ برڪت ٿيندي * عِلْمِ دين جو خزانو هٿ ايندو * نيڪين ڪرڻ جو ذهن بڻجندو * اللہ پاڪ جي عبادت درست انداز ۾ ڪري سگهندﺆ ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ڪرم ئي ڪرم ٿي ويندو * ننڍن ڪورسن (Short Courses) ڪرڻ جو هڪ فائدو هي به هوندو آهي ته ماڻهو غير محسوس انداز ۾ گهڻو ڪجهه سکي وٺندو آهي * ڪم ڪار به نه سِيڙجَندا آهن ۽ ٿورن ئي ڏينهن ۾ چڱي ڀلي معلومات به ملي ويندي آهي * جيئن نماز ئي آهي، ان جا احڪام ۽ مسئلا ته ايترا آهن جو ڪتاب ڀريا پيا آهن، اسان جهڙا ايترا وڏا وڏا ڪتاب ڪيئن پڙهن؟ ايترو وقت ڪيئن ڪڍن؟  تنهنڪري آسان طريقو آهي ته 7 ڏينهن جو فيضانِ نماز ڪورس ڪري وٺون، جنهن ۾ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! انهن وڏن وڏن ڪتابن جو نچوڙ سيکاريو ويندو آهي * وڌيڪ هي ته دِيني ماحول به ملندو * نيڪ ماڻهن جي صحبت  به نصيب ٿيندي، ان جون به پنهنجون برڪتون آهن.  ترغيب جي لاءِ  هڪ مدني بهار اوهان کي ٻڌايان ٿو: