Book Name:Bhayanak Qabrain
نالو رکڻ جون سنتون ۽ آداب
فرمانِ آخری نبي، رسولِ ہاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: قيامت جي ڏينهن توھان کي، توھان جي ۽ توھان جي پيءُ جي نالي سان سڏيو ويندو تنهنڪري پنهنجا نالا سٺا رکو. ([1])
اي عاشقانِ رسول! مفتي امجد علي اعظمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: ٻار جو سٺو نالو رکيو وڃي، ڪيترن ئي ماڻهن جا نالا اهڙا هوندا آهن جن جي ڪا معنيٰ نه هوندي آهي يا انهن جي معنيٰ بُري هوندي آهي. اهڙا نالا رکڻ کان پرهيز ڪريو * انبياءِ ڪرام عَلَیْهِمُ السَّلَام ۽ صحابه و تابعين رَضِیَ اللهُ عَنْهُم جي نالن تي نالا رکڻ بهتر آهي، اميد آهي ته انهن جي برڪت ٻار سان شامل حال ٿي ويندي * ٻار زندهه پيدا ٿيو هجي يا مئل حالت ۾، اُن جو بدن مڪمل ٿيو هجي يا مڪمل نه ٿيو هجي، هر حال ۾ ان جو نالو رکيو وڃي * حديث پاڪ ۾ آهي: ڪچو ٻار (يعني جنهن جو ڪو عضوو ٺهي ويو هجي يا حمل کي 4 مهينا ٿي ويا هجن) ته ان ٻار جو نالو رکيو وڃي ڇو ته اللہ پاڪ ان جي ذريعي توھان جي عمل جي ميزان کي ڳورو ڪندو * جبرائيل يا ميڪائيل وغيره نالا نه رکو* يٰسين يا طٰہٰ نالو رکڻ به منع آهي* محمد يٰسين نالو به نه رکو، جيڪڏهن رکڻ چاهيو ته غلام يٰسين ۽ غلام طٰہٰ رکي سگهو ٿا * جيڪي نالا بُرا آهن انهن کي بدلائي سٺو نالو رکڻ گهرجي پنهنجي اُمت سان پيار ڪرڻ وارا پيارا پيارا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بُرن نالن کي سٺن نالن سان تبديل فرمائيندا هئا۔ هڪ عورت جو نالو عاصِيه (عين ۽ صاد سان يعني گنہگار) هو، رسولِ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان جي نالي کي بدلائي جَمِيله رکيو۔ (هڪ نالو آسيه، الف مدہ ۽ سين سان به رکيو ويندو آهي، اهو سٺو نالو آهي، رکڻ ۾ ڪو حرج نه آهي) * اهڙا نالا رکڻ به جائز نه آهن جيڪي غير مسلمن لاءِ مخصوص هجن * غلام رسول، غلام صديق،