Book Name:Bhayanak Qabrain
پيارا اسلامي ڀائرو! گناہه چاهي لڪي ڪري ڪيو وڃي يا ماڻهن جي سامهون ڪيو وڃي، گناهه آخر گناهه ئي آهي ۽ اللہ پاڪ پنهنجي نافرماني ڪرڻ وارن ٻانهن تي سخت غضب فرمائيندو آهي. غور ڪريو ته! هِي اُهي ماڻهو هئا جيڪي ظاهري طور ته نيڪ هئا پر اڪيلائيءَ ۾ گناهه ڪندا هئا ۽ هڪ اسان آهيون جيڪي علي الاعلان گناهه ڪري رهيا آهيون ۽ ٿورو به شرم محسوس نه ڪري رهيا آهيون، اسان جو ڇا ٿيندو؟ افسوس ! ٿورو ان باري ۾ غور ڪريو! جيڪڏهن ائين ئي گناهه ڪندي ڪندي قبر ۾ پهچي وياسين ۽ اسان تي عذاب مُسَلَّط ڪيو ويو ته اسان ڇا ڪنداسين؟ جيڪڏهن نانگَن ۽ وِڇُن ڪفن ڦاڙي اسان جي جسم کي گهيري ورتو ته اسان ڪاڏي وينداسين؟ قبر جون ڀتيون پاڻ ۾ ملڻ سبب اسان جون پاسِيرِيُون ٽُٽِي هڪ ٻئي ۾ ملي ويون ته ڪيتري نه شديد تڪليف ٿيندي؟ هڪ پٿر جو ڌَڪُ ته اسان کان برداشت نه ٿو ٿِي سگهي جيڪڏهن ملائڪن هٿوڙا هڻڻ شروع ڪيا ته اسان جي نازڪ هڏين جو ڇا ٿيندو؟
حضرت عبد اللہ بن عبّاس رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: اي گناهگار! تون گناهه جي بد انجام کان ڇو بي خوف آهين؟ جڏهن ته گناهه جي طلب ۾ رهڻ گناهه ڪرڻ کان به وڏو گناهه آهي* تنهنجو ساڄي ۽ کاٻي پاسي وارن ملائڪن کان حياءُ نه ڪرڻ ۽ گناهه تي قائم رهڻ به تمام وڏو گناهه آهي يعني توبهه ڪرڻ کان بغير تنهنجو گناهه تي قائم رهڻ ان کان به وڏو گناهه آهي* تنهنجو گناهه ڪري خوش ٿيڻ ۽ کِلڻ ان کان به وڏو گناهه آهي، تون نه ٿو ڄاڻين ته اللہ پاڪ توسان ڪهڙو سلوڪ فرمائڻ وارو آهي؟ * ۽ تنهنجو گناهه ۾ ناڪام ٿيڻ تي غمگين ٿيڻ ان کان به وڏو گناهه آهي۔ گناهه ڪرڻ دوران تيز هوا لڳڻ سبب جيڪڏهن دروازي جو پردو هٽِي وڃي ته تون ڊڄي ويندو آهين پر اللہ پاڪ جي ان نظر کان نه ڊڄندو آهين جيڪا هر وقت توکي ڏسي رهي آهي تنهنجو اهڙو عمل ان کان به وڏو گناهه آهي. ([1])