Book Name:Bhayanak Qabrain
ذاتِ والا پہ بار بار دُرود بار بار اور بے شُمار دُرود
گورِ بیکس کو شمع سے کیا کام ہو چراغِ سَرِ مَزار دُرود
قبر میں خوب کام آتی ہے بیکسوں کی ہے یارِ غار دُرود
اے حسؔن خارِ غم کو دِل سے نکال غمزدوں کی ہے غمگُسار دُرود ([1])
ڪثرت سان درود پڙهڻ جي هڪ برڪت
پيارا اسلامي ڀائرو! ڪيڏي نه پياري ڳالهه آهي، قبر جي حساب کان، قبر جي عذاب کان، منڪر نڪير جي سوالن کان نجات حاصل ڪرڻ جو بهترين وظيفو آهي: درود پاڪ جي ڪثرت ڪريو!
اللہ پاڪ اسان کي ڪثرت سان درود پاڪ پڙھڻ جي توفيق نصيب فرمائي۔ خواجه ضياءُ الدين رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: جيڪو شخص نيڪ نمازي هوندو آهي ۽ ڪثرت سان درودِ پاڪ پڙھڻ وارو هوندو آهي ته قبر ۾ پهچڻ کان پوءِ منڪر نڪير (يعني قبر ۾ سوال پڇڻ وارا ملائڪ) ان کان معمولي (Minor) حساب وٺندا آهن، پوءِ ان جي قبر کي حدِ نگاهه تائين وسيع ڪيو ويو ويندو آهي، قبر نور سان جڳمڳائڻ لڳندي آهي، ايتري ۾ ان جي جنتي زال قبر ۾ پهچي ويندي آهي، ان جي ڳچيءَ ۾ موتين جو هار هوندو آهي، جيئن ئي هي شخص ان هار ڏانهن اشارو ڪندو آهي ته هار ٽٽي ڪِري پوندو آهي، سندس جنتي زال چوندي آهي: پريشانيءَ جي ڪا ڳالهه نه آهي، اسان هنن موتين کي ميڙي وٺون ٿا. اُهي ٻئي گڏجي موتي ميڙڻ شروع ڪندا آهن۔ اڃا موتي ميڙي پُورا به نه ڪندا ته قيامت قائم ٿي ويندي. ([2])
سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو ته درود پاڪ جي برڪت سان قبر جي تنگيءَ کان به نجات ملندي آهي، اتان جي وحشت ۽ اڪيلائي به دور ٿيندي آهي ۽ قبر ۾ هزارين سالن جو قيام به ڪجهه گهڙين ۾ گذري ويندو آهي۔ اللہ پاڪ اسان