Book Name:Bhayanak Qabrain
ان جي غسل ۽ ڪفن کان پوءِ جڏهن دفن ڪرڻ جو مرحلو آيو ته مشڪل اِها پيش آئي ته قافلي وارن مان ڪنهن وٽ به ڪوڏر يا بيلچو وغيره نه هو، جنهن سان قبر کوٽي سگهجي۔ انهن ڀرپاسي ۾ هيڏانهن هوڏانهن جاچ شروع ڪئي، ڳوليندي ڳوليندي انهن کي هڪ جهوپڙي نظر آئي، جڏهن اتي پهتا ته ڏٺائون ته اتي صرف هڪ پوڙهي عورت موجود هئي۔ انهن جهوپڙيءَ ۾ اندر نظر ڦيرائي ته کين هڪ هنڌ ڪوڏر نظر آئي. قافلي وارن ان پوڙهي عورت کي پنهنجي ضرورت ٻڌائي ۽ چيو ته ٿوري دير جي لاءِ اسان کي ڪوڏر ڏيو! اسان قبر کوٽي موٽائي ڏئي وينداسين۔ پوڙهيءَ کانئن پڪو واعدو ورتو ته هيءَ ڪوڏر اوھان کي لازمي موٽائڻي آهي۔ انهن واعدو ڪري، ڪوڏر کڻي هليا ويا۔ قبر کوٽي، عبادت گذار شخص کي دفن ڪيائون ۽ واپس موٽي آيا، جڏهن واپس موٽيا ته ڏٺائون ته ڪوڏر موجود نه آهي؟ ذهن تي زور ڏيڻ سان کين ياد آيو ته ڪوڏر ته اسان قبر ۾ ئي وساري آيا آهيون. جيئن ته پوڙهيءَ سان واعدو ڪيو هئائون، تنهنڪري ڪوڏر واپس موٽائڻ ضروري هو ان ڪري اُهي واپس قبر تي آيا، جيئن تيئن ڪري قبر تان مٽي هٽايائون، جيئن ئي قبر کُلي ته هڪ هولناڪ منظر سندن نظرن جي اڳيان هو، ڏٺائون ته اها ئي ڪوڏر ان شخص جي ڳچيءَ جو طوق بڻيل هئي، ان جا هٿ به ڪوڏر سان گڏ ٻڌل هئا۔ اِهو خوفناڪ منظر ڏسي ماڻهو ڊڄي ويا، گھٻرائجي جلدي ۾ قبر بند ڪيائون ۽ واپس پوڙهيءَ وٽِ پهتا۔ سمورو واقعو کيس ٻڌايائون ۽ ساڻس معذرت ڪيائون ته اسان ڪوڏر واپس موٽائي نه ٿا سگهون. پوڙهيءَ جيئن ئي اِهو ٻڌو ته فوراً چيائين: لَا اِلَهَ اِلَّا اللَّهُ مُحَمَّدٌ رَسُولُ اللَّهِ۔ پوءِ چوڻ لڳي: ڪجهه ڏينهن پهريان منهنجي قسمت جاڳي پئي ۽ منهنجي خواب ۾ رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف فرما ٿيا هئا، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو هو: هن ڪوڏر کي سنڀالي رکجانءِ، هيءَ ڪوڏر ان شخص جي ڳچيءَ جو طوق بڻجندي جيڪو ابوبڪر صِدِيق ۽ فاروقِ اعظم رَضِیَ اللهُ عَنْهُما کي گاريون ڏيندو آهي. ([1])