Book Name:Bhayanak Qabrain
۾ لاٿو ويندو. افسوس! هيءَ ساهه جي تَندُ بس ٽٽڻ واري آهي۔ ڪهڙي خبر! اڄ ئي موت اچي وڃي. اسان پنهنجي هٿن سان ڪيترا ئي اهڙا قبرن ۾ لاٿا، ڪيترا ئي اهڙا جنازا پڙهيا آهن، جن کي دفنائڻ وقت اسان چئي رهيا هوندا آهيون: مرحوم صبح جو مون سان گڏ هو۔ ڪالهه اسان گڏجي ماني کاڌي هئي.
ڪڏهن ڪڏهن اوچتو ڪنهن جي موت جي خبر پوندي آهي ته اسان حيرانيءَ وچان چوندا آهيون: ان کي ڇا ٿيو؟ ٿوري دير پهريان ته مون سان گڏ هو؟ جي ها پيارا اسلامي ڀائرو! اسان اهڙا جملا ٻين لاءِ چوندا آهيون، ممڪن آهي ته سڀاڻي اهي ئي جملا ماڻهو اسان جي لاءِ چئي رهيا هجن۔ اڙي! هن کي ڇا ٿيو؟ ٿوري دير پهريان ته هتي موجود هو چڱو ڀلو هو؟ افسوس! موت ويجهو آهي، تمام گهڻو ويجهو آهي۔ موت جو کڏو اسان جي انتظار ۾ آهي ۽ وڏي بي صبريءَ سان منتظر آهي، پر افسوس! اسان سنڀلجڻ لاءِ تيار نه آهيون.
کس بَلا کی مے سے ہیں سَرشار ہم دِن ڈھلا ہوتے نہیں ہُشیار ہم
صَدقہ اپنے بازوؤں کا المدد کیسے توڑیں یہ بُتِ پِنْدار ہم
اپنی رحمت کی طرف دیکھیں حضور جانتے ہیں جیسے ہیں بدکار ہم ([1])
مفهوم: هي گناهن جو نشو به ڪيترو خوفناڪ آهي جو زندگي جو سج لهڻ تي آهي پر اسان غفلت مان جاڳوئي نٿا، يا رسولَ اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! غريبن کي سهارو ڏيندڙ زور اور ٻانهن جي صدقي اسان هيءَ خودسريءَ جو بُت ڪيئن ڀڃون، اسان وڏا گنهگار آهيون، توهان اسان ڏانهن نه ڏسو پنهنجي رحمت ڏانهن ڏسو ۽ اسان جي حال تي ڪرم فرمايو..
پياري آقا عذابن جو حال ڏٺو ...!!
مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت علي المرتضيٰ شيرِ خدا رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو بيان آهي ته حضورنبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ ڏينهن فجر جي نماز