Book Name:Bhayanak Qabrain
پڙھائي اسان ڏانهن مُتوجهه ٿيا ۽ ارشاد فرمايائون: رات مون وٽ 2 ملائڪ حاضر ٿيا ۽ مون کي دنيا جي آسمان ڏانهن وٺي ويا * مون هڪ ملائڪ ڏٺو، جنهن جي هٿ ۾ هڪ وڏو پٿر هو ۽ هُو ان پٿر سان هڪ ماڻهو جي کوپڙي تي وار ڪري رهيو هو جنهن ڪري سندس ميڄالو نڪري هڪ پاسي وهي رهيو هو ۽ پٿر ٻئي پاسي ڪِرِي رهيو هو، مون پڇيو: هي ڪير آهي؟ ملائڪن چيو: اڳتي تشريف وٺي هلو! * اڳيان به هڪ ملائڪ کي ڏٺو جيڪو پنهنجي سامهون پيل هڪ ماڻهوءَ جي ڪڏهن ساڄي ته ڪڏهن کاٻي ڄاڙِيءَ کي لوھي شِيخَ سان چيريندو ڪنن تائين آڻي رهيو هو، مون پڇيو: هي ڪير آهي؟ ملائڪن چيو: اڳيان تشريف کڻي هلو! * مان اڳيان وڌيس ته رت جي هڪ نهر ڏٺي جيڪا ديڳڙيءَ وانگر اُٻرِي رهي هئي، جنهن ۾ بنا لباس جي ماڻهو هئا ۽ نهر جي ڪنارن تي ملائڪ پنهنجي هٿن ۾ مٽيءَ جا ڀتر کڻي موجود هئا جيڪو به نهر مان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، ان کي هُو ڀتر هڻي رهيا هئا، جنهن سبب اهو شخص واپس نهر ۾ ڪِري رهيو هو ايسيتائين جو ان جي تَري ۾ پهچي ويندو هو ، مون پڇيو: هي ڪير آهن؟ ملائڪن چيو: اڳيان وڌو! * مان اڳتي وڌيس ته هڪ گهر ڏٺو جنهن جو هيٺيون حصو مٿئين حصي کان وڌيڪ سوڙهو هو، ان ۾ به بي لباس ماڻهو هئا، جن جي هيٺان باھ ڀڙڪي رهي هئي ۽ ايتري بدبوءِ اچي رهي هئي جو ان بدبوءِ کان بچڻ جي لاءِ مون پنهنجي نڪ تي هٿ رکي ڇڏيو ۽ پڇيو: هي ڪير آهن؟ ملائڪن چيو: اڳيان تشريف وٺي هلو! * اڳيان وڌياسين ته ڏٺو ته هڪ ڪاري ٽڪريءَ تي ڪجهه چريا ماڻهو آهن جن جي پوئين مقام ۾ باھ ڦُوڪي پئي وڃي، جيڪا سندن وات، نڪ، اکين ۽ ڪنن مان نڪري رهي آهي، مون پڇيو: هي ڪهڙا ماڻهو آهن؟ مون کي چيو ويو: اڳتي هلو! * مان اڳيان وڌيس ته زمين جي اندر باھ سان ڀريل هڪ قيدخانو ڏٺو جنهن تي هڪ ملائڪ مقرر هو، ان باھ مان جيڪو به ٻاهر نڪري رهيو هو ملائڪ سندس پٺيان وڃي واپس کيس ان باهه ۾ اڇلائي رهيو هو۔
آخر ۾ انهن سڀني هولناڪ منظرن بابت ٻڌايو ويو ته اهو (پهريون) شخص