Book Name:Bhayanak Qabrain
جنهن جو مٿو پٿر سان چِٿِيو پئي ويو جنهن سبب سندس دماغ هڪ پاسي ۽ پٿر ٻئي پاسي وڃي رهيو هو، هي اهو شخص آهي جيڪو عشاء جي نماز نه پڙهندو هو ۽ ٻيون نمازون وقت گذاري پڙهندو هو، ان کي جهنم ۾ اڇلايو وڃڻ تائين ائين ئي ماريو ويندو ۽ اهو (ٻيو شخص) جنهن جون واڇُون لوھ جي شِيخ سان چيريون پئي ويون، هي انهن ماڻهن جو عذاب آهي، جيڪي مسلمانن جي وچ ۾ فساد ڪرائيندا هئا ۽ چُغل خوري ڪندا هئا، انهن تي به اهو عذاب ايسيتائين ٿيندو رهندو جيسيتائين جهنم ۾ نه اڇلايا وڃن ۽ اهو (ٽيون شخص) جنهن کي نهر مان نڪرڻ جي ڪوشش تي پٿر پئي لڳا،اهو وياج خور آهي، ان کي به جهنم ۾ وڃڻ تائين اهو عذاب ٿيندو رهندو ۽ اهو (چوٿون منظر جتي اوھان بي لباس ماڻهن کي ڏٺو هو) اهي بي لباس ماڻهو بدڪار هئا ۽ جيڪا بدبوءِ اچي رهي هئي، اها انهن جي شرمگاهن جي هئي، انهن کي به جهنم ۾ وڃڻ تائين اهو عذاب ڏنو ويندو ۽ (پنجين منظر ۾) جيڪي چريا ماڻهو اوھان ڏٺا، اهي قومِ لُوط جهڙو گندو ڪم ڪرڻ وارا ۽ ڪرائڻ وارا هئا، اهي به جهنم ۾ وڃڻ تائين هن عذاب ۾ گرفتار رهندا ۽ (ڇهين مقام تي اهو) باھ سان ڀريل زمين جي اندر قيدخانو جهنم هو.([1])
اللہُ اکبر...!! پيارا اسلامي ڀائرو! اندازو لڳايو! هي عالَمِ برزَخ جا حالات آهن، هي انهن ماڻهن جا حالات آهن جيڪي اڄ قبرن جي اندر آهن، افسوس! ٻاهران خاموش نظر اچڻ وارين انهن قبرن ۾ ڏسو! ڪيڏا نه هولناڪ منظر لڪيل آهن.
یاخدا میری مغفرت فرما باغِ فِردوس مَرحَمَت فرما
تُو گناہوں کو کر مُعاف اللہ! میری مقبول معذِرت فرما
مصطَفٰے کا وسیلہ توبہ پر تُو عنایت مُداوَمَت فرما ([2])