Bhayanak Qabrain

Book Name:Bhayanak Qabrain

اسان ان کان ڊڄي نه رهيا آهيون. دنيا جي رنگينين ۾ گم آهيون، هر وقت صرف مال، مال ۽ فقط مال جي طلب ۾ ئي مگن هوندا آهيون * ڪڏهن سوشل ميڊيا جو غلط استعمال ڪري رهيا هوندا آهيون *  ڪڏهن فضوليات ۾ مشغول هوندا آهيون *  ڪڏهن دوستن سان فضول بلڪه گناهن ڀريون ڳالهيون ڪرڻ ۾ مصروف هوندا آهيون۔ بس زندگي ائين ئي گذري رهي آهي.

اي عاشقانِ رسول! هيءَ ڳالهه ذهن نشين ڪري ڇڏيو ته موت اسان جو منتظر آهي، اسان دنيا ۾ پيدا ٿيا آهيون، هاڻي موت اچڻو ئي اچڻو آهي، قبر ۾ لهڻو ئي لهڻو آهي. اللہ پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمايو آهي:

ثُمَّ اَمَاتَهٗ فَاَقْبَرَهٗۙ(۲۱) (پارو: 30، سورة عبس: 21)

ترجموڪنزالعرفان: پوءِ ان کي موت ڏنو پوءِ ان کي قبر ۾ رکرايو.

هي اللہ پاڪ جي قدرت جو نشان آهي، اهوئي رب قادر ۽ قيوم آهي * ان اسان کي پاڻيءَ جي هڪ ڦڙي مان پيدا ڪيو*  صحتمند *  تندرست، تازو توانو انسان بڻايو*  هاڻي اسان جي ٻانهن ۾ طاقت به آهي *  عقل به آهي *  شعور به آهي *  عہدا *  منصب ۽ لقب به آهن پر عنقريب، جلد تمام جلد حضرت مَلڪ الموت    عَلَیْهِ السَّلَام  تشريف کڻي ايندا، رُوح جسم مان ڪڍيو ويندو ۽ اسان کي چاهڻ وارا اسان کي اونداهي قبر ۾ رکي موٽي ايندا.

دِلا غافِل نہ ہو یک دَم یہ دنیا چھوڑ جانا ہے

بغیچے چھوڑ کر خالی زمیں اندر سمانا ہے

تِرا نازُک بدن بھائی جو لیٹے سَیج پھولوں پر

یہ ہوگا ایک دن بے جاں اِسے کیڑوں نے کھانا ہے

موت اوچتو به اچي سگهي ٿو

پيارا اسلامي ڀائرو! قبر جو کڏو انتهائي ڀوائتو آهي پر ان کان به وڌيڪ ڀوائتي ڳالهه هيءَ آهي ته اسان اهو نه ٿا ڄاڻون ته اسان کي ڪڏهن اُن کڏي