Book Name:Bhayanak Qabrain
اَلۡـحَـمۡـدُ لـِلّٰـہِ رَبِّ الۡـعٰـلَـمِیۡنَ ؕ وَ الـصَّـلٰـوۃُ وَالـسَّـلَامُ عَـلٰی خَاتَمِ النَّبِیِّن ؕ
اَمَّـا بَــعۡـدُ فَـاَعُـوۡذُ بِـا لـلّٰـہِ مِـنَ الـشَّـیۡـطٰنِ الـرَّجِیۡمِ ؕ بِـسۡمِ الـلّٰـہِ الـرَّحۡـمٰنِ الـرَّحِـیۡمِ ؕ
وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه
وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه
نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)
هڪ بزرگ ٿي گذريا آهن: شيخ ابو حفص ڪاغذي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جڏهن انهن جو وصال ٿيو ته ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اُهي پنهنجي هڪ دوست جي خواب ۾ آيا، سندن دوست کانئن پڇيو: ”ڇا حال احوال آهي؟ قبر ۾ اوهان سان ڪهڙو معاملو ٿيو؟“ پاڻ فرمايائون: مون تي وڏي مهرباني ٿي وئي، ڳالهه هينئن آهي جو جڏهن مون کي قبر ۾ دفن ڪيو ويو، ته منڪر نڪير (يعني قبر ۾ سوال ڪرڻ وارا فرشتا) پهچي ويا. انهن مون کي اُٿاري ويهاريو ۽ سوال پڇڻ شروع ڪيائون، ايتري ۾ الله پاڪ جو فرمان آيو: اي ملائڪو! رڪجي وڃو!! فرشتا رڪجي ويا. پوءِ حڪم ٿيو: ”هن شخص جا گناهه ڳڻيو! ملائڪن منهنجا گناهه ڳڻيا، هاڻي ته مان ڊڄي ويس ته هيترا سارا گناهه هوندي مان ڪيئن بخشيو ويندس! هوڏانهن فرشتن کي ٻيهر حڪم ٿيو:”هن شخص دنيا ۾ اسان جي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي جيڪي درود شريف پڙهيا آهن، هاڻي اهي ڳڻيو!“ فرشتن منهنجا پڙهيل درود پاڪ ڳڻڻ شروع ڪيا. خوشقسمتيءَ سان منهنجا پڙهيل درود پاڪ منهنجي گناهن کان وڌي ويا، پوءِ ملائڪن کي حڪم ٿيو ته: حَسْبُكُمْ يَا مَلَائِكَتِي! ”اي منهنجا فرشتؤ! ايترو ئي حساب ڪافي آهي.“ اِذْهَبُوا بِهِ اِلٰی جَنَّتِيْ ”هن ٻانهي کي منهنجي جنت ۾ وٺي وڃو!“ (يعني هن جي قبر کي جنت جو باغ بڻائي ڇڏيو). ([1])