Bhayanak Qabrain

Book Name:Bhayanak Qabrain

توھان به  قافلي ۾ سَفر ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻيون برڪتون نصيب ٿينديون * قافلي ۾ فرض عِلْمِ دِين سيکاريو ويندو آهي * سنتون سيکاريون وينديون آهن * تَہجد  پڙهڻ جي سعادت ملندي آهي * نيڪيءَ جي دعوت عام ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي * قافلي جي برڪت سان دُعائون قبول  ٿيڻ * مشڪلون دور ٿيڻ ۽ بيمارين کان شِفاياب ٿيڻ جا به سوين واقعا آهن * ائين به ٿيو آهي ته قافلي ۾ سَفر ڪرڻ وارن عاشقانِ رسول جي حوصلا افزائيءَ جي لاءِ پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪرم فرمائي، خواب ۾ تشريف فرما ٿيا ۽ شرڪاءِ قافلي وارن کي پنهنجي ديدار جو شرف عطا فرمايائون. ڪهڙي خبر اسان به قافلي جا مسافر بڻجون ته اسان جي به قسمت جاڳي پئي ۽ اسان تي به ڪرم ٿي وڃي۔

جلوۂ یار ادھر بھی کوئی پھیرا تیرا                                                                    حسرتیں آٹھ پہر تکتی ہیں رستہ تیرا

اللہ پاڪ اسان کي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

ڪجهه ضروري اعلانات

* ڪجهه ضروری اعلانات ٻڌو! هر ڇنڇر تي اميرِ  اہلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  مدني چينل تي لائيو هفتيوار مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن، ايندڙ ڇنڇر تي به مدني چينل تي عشاء جي نماز کان پوءِ  (تقريباً 8:00 منٽن تي ) اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هفتيوار مدني مذاڪرو ٿيندو. جنهن ۾  اميرِ اہلسنت مولانا الياس عطار قادری دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  سوالن جا جواب به عنايت فرمائيندا۔ سڀئي ذميدار ۽ عاشقانِ رسول هن مدني مذاڪري ۾ پاڻ به شرڪت فرمائن ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏين * شيخِ طريقت، امير اہلسنت هر هفتي هڪ دِيني رسالو پڙهڻ جي ترغيب به ارشاد فرمائيندا آهن، ايندڙ هفتي جي مدني مذاڪري ۾