Bhayanak Qabrain

Book Name:Bhayanak Qabrain

رسالي ڪتاب ”راھِ علم“ مان 72 مدني گُل جو اعلان ڪيو ويندو۔ هي رسالو پاڻ به پڙهو! ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو ۽ جيڪي سوشل ميڊيا مثلاً واٽس ايپ وغيره استعمال ڪندا آهن، رضاءِ الٰهي ۽ ثواب حاصل ڪرڻ جي نيت سان هي رسالو ٻين سان به شيئر (Share) ڪريو! * حضرت  محمد بن سليمان جَزُولي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو تمام پيارو ڪتاب دلائل الخيرات. جنهن کي تمام گهڻي مقبوليت حاصل آهي ۽ اهو ڪتاب مختلف روحاني سلسلن ۾ وظيفي طور شامل آهي، اميرِ اہلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  شجري شريف جي اوراد ۾ روزانو صبح جو ان جو هڪ حزب پڙهڻ  جي اجازت عطا فرمائي آهي۔ مکتبۃ ُالمدینہ نهايت شاندار پرنٽنگ ۽ بائينڊنگ ۾ هن ڪتاب کي شايع ڪيو آهي۔ اوھان هن ڪتاب کي مکتبۃ ُالمدینہ جي ڪنهن به شاخ تان 650 روپين ۾ قيمتاً طلب  فرمايو۔ پاڻ به مطالعو ڪريو! ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سنت جي فضيلت ۽ زندگي جا ڪجهه آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان. تاجدار رسالت، شهنشاهه نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم       فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِيْ فَقَدْ اَحَبَّنِيْ وَمَنْ اَحَبَّنِيْ كَانَ مَعِيَ فِي الْجَنَّةِ  يعني جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                                                   جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                           صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]...تاریخِ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔