Book Name:Bhayanak Qabrain
کي ڪثرت سان درود پاڪ پڙھڻ جي توفيق نصيب فرمائي۔
اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم.
نبی کی شان میں ہو جس قدر دُرود پڑھو مُحِبَّو! پاؤ گے جنّت میں گھر دُرود پڑھو
جو اپنے کاموں کا انجام نیک چاہتے ہو ہر ایک کام میں تم پیش تَر دُرود پڑھو
ہزار درد کو یہ ایک دَوا کِفایت ہے جو پیش آئے ذرا بھی خَطر دُرود پڑھو
خدا تو بھیجے ہے صَلُّو و سَلِّمُو کا خِطاب تم ایسے بیٹھے ہو کیوں بے خبر دُرود پڑھو ([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
بيان ٻڌڻ جون نيتون
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیَّات (عملن جو دارومدار نيتن تي آهي.)[2](
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجهه سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون، نيت ڪريو! * الله پاڪ جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس * بَاادب ويهندس * خوب تَوَجُّه سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
ڪوڏَر ڳِچيءَ جو طوق بڻجي وئي
مِصْبَاحُ الظُّلَام (نالي ڪتاب) ۾ آهي: هڪ دفعي هڪ قافلو حج ڪرڻ جي ارادي سان مڪي پاڪ ڏانهن روانو هو۔ انهن ۾ هڪ ماڻهو تمام گهڻو عبادت گذار ۽ نفلي نمازن جي ڪثرت ڪرڻ وارو هو. رستي ۾ هڪ هنڌ اُهو عبادت گذار شخص وفات ڪري ويو۔