Book Name:Bhayanak Qabrain
منهنجي طرفان به توکي رستو نه ملندو۔ کاٻي پاسي کان ايندو آهي ته روزو چوندو آهي مان توکي هتان داخل ٿيڻ نه ڏيندس۔ پوءِ جڏهن عذاب پيرن جي پاسي کان ايندو آهي ته ڀلايون، نيڪيون ۽ ماڻهن سان حُسنِ سلوڪ چوندا آهن هتان به توکي ڪو رستو ملڻ وارو نه آهي. ([1])
ہر عبادت سے بَرتر عبادت نَماز ساری دولت سے بڑھ کر ہے دولت نَماز
نارِ دوزخ سے بے شک بچائے گی یہ رَبّ سے دلوائے گی تم کو جنّت نَماز
اللہ پاڪ اسان کي نيڪيون ڪرڻ، گنَاهن کان بچڻ، پنهنجا عقيدا هر دم پختا رکڻ، بُرن عقيدن ۽ بُرا عمل ڪرڻ وارن کان هر وقت پري رهڻ جي توفيق نصيب فرمائي۔ ڪاش! پياري مَحْبُوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صدقي عذابِ قبر کان نِجات ملي وڃي، ڪاش! شفاعتِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نصيب ٿي وڃي ۽ بي حساب جنّت ۾ پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون۔
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.
خطاؤں کو میری مٹا یااِلٰہی! مجھے نیک خصلت بنا یااِلٰہی!
تجھے واسطہ سارے نبیوں کا مولیٰ مری بخش دے ہرخطا یااِلٰہی! ([2])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني ڪورسز
پيارا اسلامي ڀائرو! محبتِ صحابه ۽ محبتِ اہلِ بيت حاصل ڪرڻ جي لاءِ، باادب ۽ بااخلاق بڻجڻ جي لاءِ، عاشقانِ صحابه و اہلِ بيت جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! دعوتِ اسلامي جي ديني ڪمن ۾ زور شور سان حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دِين ۽ دنيا جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون۔ 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم