Book Name:Bhayanak Qabrain
قبر کي روشن ڪرڻ جو انتظام ڪري سگهون ٿا، جيڪڏهن هيءَ ساههَ جي تَندُ ٽُٽي پئي، رُوح جسم مان نڪري ويو ته پوءِ سواءِ پڇتائڻ جي ٻيو ڪجهه هٿ نه ايندو.
اِبْنِ ماجه شريف جي روايت آهي حضرت بَرَاء بن عازِب رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا ته هڪ ڏينهن اسان اللہ پاڪ جي رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ هڪ جنازي ۾ شريڪ هئاسين۔ تدفين وقت پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم قبر جي ڪناري تي تشريف فرما ٿيا ۽ زارو قطار روئڻ لڳا، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ايترو رنا جو قبر جي مٽي آلي ٿي وئي۔ پوءِ فرمايائون: لِمِثْلِ هٰذَا فَاَعِدُّوْا يعني هِن (قبر) جي لاءِ تياري ڪريو...! ([1])
نیکیاں کر جلد تُو بدیوں سے بھاگ قبر میں ورنہ بھڑک اُٹھے گی آگ
هڪ دفعي حضرت عثمان بن ابوعاص رَضِیَ اللهُ عَنْہُ ڪنهن جنازي سان قبرستان تشريف وٺي ويا، ساڻن هڪ نوجوان به گڏ هو، اُن نوجوان تي ڪجهه غفلت طاري هئي۔ تنهنڪري اُها قبر جيڪا ميت جي لاءِ تيار ڪئي وئي هئي، حضرت عثمان بن ابو عاص رَضِیَ اللهُ عَنْہُ ان قبر ڏانهن اشارو ڪندي ان نوجوان کي فرمايو: پنهنجي گهر ۾ جهاتي پائي ڏس! نوجوان قبر ۾ جهاتي پائي ڏٺو. پاڻ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کانئس پڇيو: ڇا نظر اچي رهيو آهي؟ نوجوان وراڻيو: هڪ سوڙهو ۽ اونداهون گهر آهي، جنهن ۾ نه کاڌو آهي، نه پاڻي ۽ نه گهر وارا، جڏهن ته منهنجي هن دنياوي گهر ۾ کاڌو به آهي، پاڻي به آهي ۽ گهر ڀاتي به آهن۔ حضرت عثمان رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمايو: تون سچ چئي رهيو آهين۔ خدا جو قسم! جيڪڏهن اڄ تون موٽي پنهنجي دنياوي گهر ڏانهن هليو به وڃين، تڏهن به توکي هڪ ڏينهن هن ئي تنگ ۽ اونداهي گهر ۾ اچڻو آهي (تنهنڪري بهتر هي آهي ته هن گهر جي لاءِ هاڻي کان ئي تياري ڪرڻ شروع ڪر!). ([2])