Book Name:Bhayanak Qabrain
بگڙيل پُٽُ نيڪ بڻجي ويو
هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي ته اسان جي عَلائقي جو هڪ نوجوان جيڪو پنهنجي والدين جو اڪيلو پٽ هو، غلط صحبت جي ڪري نشي جو عادي بڻجي ويو هو، گهر کان ٻاهر رهڻ سندس معمول بڻجي چڪو هو، جنهن ڪري سندس والدين تمام گهڻو پريشان هئا۔ هڪ ڏينهن هڪ اسلامي ڀاءُ ان نوجوان کي سمجهائيندي کيس 63 ڏينهن جو تربيتي ڪورس ڪرڻ جي ترغيب ڏني، خوشقسمتيءَ سان ان مڃي ورتو ۽ تربيتي ڪورس ۾ شريڪ ٿي ويو۔
اَلحمدُ لِلّٰہ! ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ ان نوجوان پنهنجي گهر فون ڪري ٻڌايو ته تربيتي ڪورس ۾ ڏاڍو لطف اچي رهيو آهي، وڌيڪ هي ته مان پنهنجن سڀني گناهن کان توبهه ڪري ڇڏي آهي، هاڻي مان باجماعت نمازون ادا ڪري رهيو آهيان، سنتون سکي رهيو آهيان ۽ مون کي تمام گهڻو سُڪون ملي رهيو آهي۔ اَلحمدُلِلّٰہ! تربيتي ڪورس کان واپسي تي اهو نوجوان واقعي بدلجي چڪو هو۔ سندس منهن تي ڏاڙهي ۽ مٿي تي عمامو سجيل هو.
اسلامي ڀاءُ جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ان نوجوان جي ماءُ روئي روئي دعوتِ اسلامي وارن کي دعائون ڏيندي آهي ته اللہ پاڪ انهن کي سلامت رکي جو انهن جي ڪوششن سان منهنجو بگڙيل پٽ نيڪ بڻجي ويو.
عطائے حبیبِ خدا دِینی ماحول ہے فیضانِ غوث و رضا دِینی ماحول
اگر سنَّتیں سیکھنے کا ہے جذبہ تم آ جاؤ دیگا سکھا دِینی ماحول ([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد