Book Name:Bhayanak Qabrain
محفو ظ سدا رکھنا شہا بے اَدَبو ں سے اور مجھ سے بھی سَرزد نہ کبھی بے اَدَبی ہو
*-*-*-*-*
ہر صحابئ نبی! جنتی جنتی سب صحابیات بھی! جنتی جنتی
چار یارانِ نبی! جنتی جنتی حضرتِ صدیق بھی! جنتی جنتی
اور عمرِ فاروق بھی! جنتی جنتی عثمانِ غنی! جنتی جنتی
فاطمہ اور علی ! جنتی جنتی ہیں حَسَن حُسین بھی! جنتی جنتی
والِدَینِ نبی! جنتی جنتی ہر زوجۂ نبی! جنتی جنتی
اور ابو سُفیان بھی! جنتی جنتی ہیں مُعاویہ بھی! جنتی جنتی ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! هن عبرتناڪ واقعي تي بار بار غور فرمايو! اهو شخص عبادت گذار هو، فقط فرض نه پر نفلي نمازن جي به خوب ڪثرت ڪندو هو ۽ ڪيڏانهن وڃي رهيو هو؟ حج ڪرڻ جي لاءِ مڪي پاڪ ڏانهن۔ انهن سڀني نيڪ عملن جي باوجود جيئن ته شَیْخَیْنِ کَرِیمَیْنِ (يعني حضرت ابوبڪر صديق ۽ فاروق اعظم رَضِیَ اللهُ عَنْهُما) جو گستاخ هو، تنهنڪري سندس عبادتون، سندس نفل، سندس حج جو ارادو ڪجهه به کيس بچائي نه سگهيو، اُهو بدبخت قبر جي عذاب ۾ گرفتار ٿي ويو۔
معلوم ٿيو ته گستاخِ صحابه ظاهري طور * ڪيڏو به نيڪ هجي * اڇي ڏاڙهي سندس منهن جي رونق وڌائي رهي هجي* سندس جُبو ۽ دستار دلين تي رعب طاري ڪري رهيا هجن * سندس نِرڙَ تي سجدن جي ڪثرت سبب محراب به ٺهيل هجي، پر صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم جي گستاخي سبب اُهي عبادتون کيس ڪو به فائدو نه ڏينديون.