Book Name:Bhayanak Qabrain
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان هڪ قبر جو انتهائي خوفناڪ حال ٻڌو، اللہ پاڪ پنهنجي ڪرم سان اسان کي عذابِ قبر کان محفوظ فرمائي...!! ياد رکو قبر جو عذاب حق آهي، سچ آهي، هيءَ ڳالهه طئي آهي ته هيءَ اُمت قبر ۾ آزمائي ويندي۔ قرآن ڪريم ۾ ڪيترن ئي جاين تي ان جو ذڪر آيل آهي۔ اللہ پاڪ فرمائي ٿو:
مِمَّا خَطِیْٓــٴٰـتِهِمْ اُغْرِقُوْا فَاُدْخِلُوْا نَارًا ﳔ (پارو: 29، سورة نوح: 25)
ترجموڪنزالعرفان: اُهي پنهنجي خطائن جي سبب ٻوڙيا ويا پوءِ باهه ۾ داخل ڪيا ويا.
هن آيت جي تفسير ۾ لکيل آهي: هن باھ مان مراد برزخ جي باھ (يعني قبر جو عذاب) آهي يعني انهن کي گناهن ۽ نافرمانين جي ڪري قبر جي اندر باھ ۾ اڇلايو ويو۔ ([1])
بَرزَخ ڇا آهي؟
مشہور مفسرِ قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: قبر مان مراد عَالَمِ برزخ آهي جنهن جي ابتداء هر شخص جي موت کان آهي ۽ پڄاڻي قيامت آهي، تنهنڪري جيڪو مرڻ وارو دفن نه ٿيو پر ساڙيو ويو، يا ٻوڙيو ويو، يا ان کي شينهن کائي ويو ان جي لاءِ به قبر جو حساب ۽ عذاب آهي۔([2])
دے نَزْع و قبر وحشر میں ہر جا اَمان، اور دوزخ کی آگ سے بچا، یا ربِّ مصطَفٰے
هن اُمت کي قبرن ۾ آزمايوويندو
حضرت زيد بن ثابِت رَضِیَ اللهُ عَنْہُ بيان ڪن ٿا: پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ دفعي خچر تي سوار ٿي هڪ باغ ڏانهن تشريف کڻي ويا، اوچتو خچر گھٻرائجي ٽاههُ کائڻ لڳو، ڏٺو ويو ته اتي چار، پنج قبرون