Book Name:Achay Logon Ki Nishaniyan
هتي هڪ ڳالھ ياد رکو! اسان کي آزمائش جي دعا گهرڻ جي اجازت ناهي. ڪجھ ماڻهو جڏهن اهڙيون حديثون ٻڌندا آهن ته پنهنجي لاءِ آزمائش جي دعا ڪندا آهن ته يا الله پاڪ! مون کي آزمائش ۾ مبتلا ڪر ته جيئن منهنجا گناھ مِٽجي وڃن. هيءَ غلط ڳالھ آهي. الله پاڪ کان عافيت جي ئي دعا گهرڻ گهرجي. بس الله پاڪ اسان کي عافيت نصيب فرمائي * جيڪڏهن آزمائش اچي به وڃي * معاشي تنگي ٿي وڃي * ڪاروبار بيهي وڃي * بيماريون * پريشانيون وڪوڙين ته اسان کي صبر به ڪرڻ گهرجي ۽ شڪر به بجا آڻڻ گهرجي. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّی اللہ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم.
صَلُّوا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
(4): الله پاڪ ٻانهي جي لاءِ تحفو ؟
پيارا اسلامي ڀائرو! ڀلي ماڻهوءَ جي هڪ ٻي نشاني ٻڌو! رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اِذَا اَرَادَ اللهُ بِعَبْدٍ خَيْرًا اَهْدَى لَهٗ هَدِيَّةً يعني الله پاڪ جڏهن ٻانهي سان ڀلائي جو ارادو فرمائيندو آهي ته ان ڏانهن تحفو موڪليندو آهي . پڇيو ويو: يا رسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مَا تِلْکَ الْهَدِيَّةُ يعني هي تحفو ڇا هوندو آهي؟ فرمايو: بِضَيْفٍ يَنْزِلُ بِهٖ بِرِزْقِهٖ وَيَرْحَلُ، وَقَدْ غُفِرَ لِاَهْلِ الْمَنْزِلِ يعني الله پاڪ ان وٽ مهمان موڪليندو آهي جيڪو پنهنجو رزق ساڻ کڻي ايندو آهي پر جڏهن ويندو آهي ته گهر وارن جي مغفرت ڪئي ويندي آهي. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو؛ جنهن وٽ مهمان ايندا ويندا آهن، هي به الله پاڪ طرفان خاص فضل ۽ رحمت ملڻ جي علامت آهي. اسان وٽ ڪجھ ماڻهو مهمانن کي بار سمجهڻ لڳا آهن. هيءَ بري ڳالھ آهي. مهمان ته پنهنجو رزق