Achay Logon Ki Nishaniyan

Book Name:Achay Logon Ki Nishaniyan

صرف هڪ معاملي ۾ پاڻ فقاهت جو مظاهرو نه ڪيائون ته ان جو کين نقصان کڻڻو پيو.

پيارا اسلامي ڀائرو! اميد آهي هاڻي فقاهت جو مطلب سمجھ ۾ اچي ويو هوندو. حديث پاڪ اسان ٻڌي: الله پاڪ جنهن سان ڀلائي جو ارادو فرمائيندو آهي، کيس فقاهت عطا فرمائيندو آهي. هاڻي اسان غور ڪريون؛ ڇا اسان کي اها فقاهت نصيب آهي؟ ڇا اسان ان ڳالھ تي توجھ ڪندا آهيون؟ مون کي ڪڏهن ڇا ڪرڻو آهي؟ مون تي ڪهڙي وقت ڪهڙو ڪم لازم آهي؟ ڇا ان ڳالھ جي مون کي سمجھ آهي؟ افسوس! عام طور تي سمجھ نه هوندي آهي * ٻانهي تي نماز جا احڪام سکڻ فرض ٿي چڪا آهن پر اهو دنياوي تعليم سکڻ ۾ مصروف هوندو آهي. يقيناً دنياوي تعليم جائز انداز ۾ سکڻ بلڪل جائز آهي پر جيڪو سکڻ فرض آهي، اهو پهرين سکڻو پوندو * اهڙي طرح اسان وٽ ماڻهو عجيب قسم جي جهيڙن ۾ الجھيل رهندا آهن؛ مثلاً* حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام  جي ناني جو نالو ڇا هو؟ * ياجوج ماجوج ڪنهن جو اولاد آهن؟ * فلاڻي صحابي فلاڻو ڪم ڇو ڪيو؟ * فلاڻي ائين ڇو ڪيو؟ * فلاڻي ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ * فلاڻي جماعت ڇا ڪري رهي آهي؟ * سياسي تبصرا، حڪومتن تي تنقيد ۽ نه ڄاڻي ڪهڙن ڪهڙن مسئلن ۾ اسان الجهيل رهندا آهيون.

اڙي ادا...!! اسان تي ڇا لازم آهي، اسان اهو سوچيون نه، ٻين مسئلن سان اسان جو ڇا تعلق...؟ بيشڪ جنرل معلومات حاصل ڪرڻ به خراب نه آهي پر پهرين فرضَ ته پورا ڪري وٺون، واجبَ ته پورا ڪري وٺون. منهنجي ذمّي ڇا آهي؟ پهرين ان تي غور ڪري وٺون. باقي مسئلا به بعد ۾ حل ٿيندا رهندا.

اها هڪ قوم هئي، جيڪا گذري وئي

هڪ دفعو حضرت امام احمد بن حنبل رَحْمَةُاللّٰهِ عَلَیْهِ جي خدمت ۾ هڪ شخص حاضر ٿيو، عرض ڪيائين: سائين...!! مسلمانن جي چوٿين خليفي مولا علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ ۽ حضرت امير معاويه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي وچ ۾ جيڪي معاملا ٿيا، انهن جي متعلق توهان جي ڇا راءِ آهي ؟ امام احمد بن حنبل رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه خاموش ٿي