Book Name:Achay Logon Ki Nishaniyan
ڏسون ته اسان کي دعائون ئي دعائون ملن ٿيون *سمهڻ جي دعا *سمهي اٿڻ جي دعا * ماني کائڻ جي دعا * مانيءَ کان پوءِ جي دعا * جوتا پائڻ جي دعا * ڪپڙا پائڻ جي دعا * صبح جي دعا *شام جي دعا * پاڻي پيئڻ جي دعا * کير پيئڻ جي دعا * نئون چنڊ ڏسڻ جي دعا *نئين سال جي دعا. مطلب ته؛ صبح کان شام تائين، شام کان صبح تائين دعائون ئي دعائون آهن. افسوس! اسان کان اهي دعائون به ياد ناهن ٿينديون ۽ هونئن به اسان دعائون تمام گهٽ گهرندا آهيون. الله پاڪ توفيق عطا فرمائي. ڀلي ٻانهي جي نشاني آهي ته ان جي دل دعا ڏانهن مائل رهندي آهي. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته اسان خوب خوب دعائون گهرندا ڪريون.
صحابه ڪرام جي محبت ملي ويندي آهي
هاڻي هڪ آخري ۽ ايمان افروز حديثِ پاڪ ٻڌو! افضل نبي، اشرف نبي، اعظم نبي، مڪي مدني، محمدِ عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اِذَا اَرَادَ اللَّهُ بِرَجُلٍ مِّنْ اُمَّتِيْ خَيْرًا اَلْقَى حُبَّ اَصْحَابِيْ فِيْ قَلْبِهٖ يعني الله پاڪ جڏهن منهنجي ڪنهن اُمتي سان ڀلائي جو ارادو فرمائيندو آهي ته ان جي دل ۾ منهنجي صحابه جي محبت داخل ڪندو آهي.
سُبْحٰنَ اللہ!
کیوں جہنَّم میں جاؤں سینے میں عشقِ اَصحاب و آل رکھا ہے
میں کبھی کا بھٹک گیا ہوتا آپ ہی نے سنبھال رکھا ہے
*-*-*-*
ہر صحابیِ نبی! جنّتی! جنّتی! سب صحابیات بھی! جنّتی! جنّتی!
چار یارانِ نبی! جنّتی! جنّتی! حضرت صدیق بھی! جنّتی! جنّتی!
اور عمر فاروق بھی! جنّتی! جنّتی! عثمان غنی! جنّتی! جنّتی!
فاطمہ اور علی! جنّتی! جنّتی! ہیں حسن حسین بھی! جنّتی! جنّتی!