Book Name:Achay Logon Ki Nishaniyan
تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
يا الله! مون کي اهڙو نه بڻائجان
حديث پاڪ ۾ آهي، رسول اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: پهرين امتن جو واقعو آهي، هڪ ڀيري هڪ عورت پنهنجي کير پياڪ ٻار کي کنيو ويٺي هئي. رستي کان هڪ امير شخص گذريو، اهو گهوڙي تي سوار هو ۽ ظاهري طور تي وڏي شان شوڪت وارو هو. هاڻي اها عورت (جيڪا پنهنجي ٻار کي کنيو ويٺي هئي، ماءُ هئي نه، ته ان جي دل ۾ ارمان پيدا ٿيو) چيائين: اي الله پاڪ! منهنجي پٽ کي به هن جهڙو بڻاءِ (هن جهڙو شان ۽ شوڪت عطا فرماءِ).
رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: ماءُ جي اها دعا ٻڌي ته اهو ٻار جيڪو اڃا کير پياڪ عمر ۾ هو، (خدا جي قدرت ته) ان ٻار ڳالهائي چيو: اَللّٰہُمَّ لَا تَجْعَلْنِیْ مِثْلَہٗ اي الله پاڪ! مون کي هن جهڙو نه بڻائجان.
ٿوري دير کان پوءِ، اتان هڪ عورت گذري، ان جي حالت خراب هئي، ماڻهو کيس گِهلي رهيا هئا، ٻار ان تي پٿر اڇلائي رهيا هئا. اهو ڏسي ماءُ جي دل ۾ وري ارمان جاڳيو، هن وري دعا ڪئي: اي الله پاڪ! منهنجي پٽ کي هن جهڙو نه بڻائجان. کير پياڪ ٻار وري چيو: اَللّٰہُمَّ اجْعَلْنِیْ مِثْلَہٗ اي الله پاڪ! مون کي هن عورت جهڙو بڻائجان.
اهو ٻڌي ماءُ ٻار کي چيو: پٽ! ڇا ماجرا آهي؟ مون دعا ڪئي: الله پاڪ توکي ان شان و شوڪت واري شخص جهڙو بڻائي، تو چيو: اي الله پاڪ! مون کي اهڙو نه بڻائجان. مون دعا ڪئي: مولا! منهنجي پٽ کي هن ذلت کڻندڙ عورت جهڙو نه بڻائجان، تو چيو: اي الله پاڪ مون کي اهڙو ئي بڻائجان. ان ۾ راز ڇا آهي؟ ان کير پياڪ ٻار چيو: امڙ! اهو شخص ظاهري طور تي شان و شوڪت وارو هو پر اهو جهنمي هو ۽ اها عورت جيڪا ظاهري طور تي ذلت کڻي رهي هئي، اها نيڪ هئي، ماڻهو ان تي ظلم ڪري رهيا هئا ۽