Book Name:Achay Logon Ki Nishaniyan
والدینِ نبی! جنّتی! جنّتی! ہر زوجۂ نبی! جنّتی! جنّتی!
اور ابو سُفیان بھی! جنّتی! جنّتی! ہیں مُعَاوِیہ بھی! جنّتی! جنّتی!([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! هي سٺن ۽ نيڪ ٻانهن جون نشانيون حديثن جي روشنيءَ ۾ عرض ڪيون ويون آهن. * سڀ کان پهرين نشاني هئي: اسلام نصيب ٿيڻ. * آخري نشاني آهي: صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم جي محبت نصيب ٿيڻ. هي ٻئي نشانيون نهايت اهم آهن، اهي ته اسان کي ضرور دل ۾ سمائي رکڻيون آهن، انهن ۾ ڪنهن به وقت، ڪنهن به لمحي، ڪنهن به قسم جو ڪوئي سمجهوتو نه ڪرڻو آهي. وچ ۾ رهيل جيڪي نشانيون آهن: * آزمائش تي صبر * دين جي سمجهه * مهمان نوازي * سٺا اخلاق * نيڪين جي گهڻائي * قناعت * ماڻهن جي ڪم اچڻ وغيره. اهي نشانيون به اسان کي اپنائڻيون آهن. الله پاڪ عمل جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار رسالو مطالعو
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾ نيڪيءَ جي دعوت عام ڪرڻ ۾ مصروفِ عمل آهي، نيڪ نمازي بڻجڻ، ظاهري و باطني گناهن کان پاڻ کي بچائڻ، فڪرِ آخرت حاصل ڪرڻ ۽ الله ۽ رسول جي محبت سان دل آباد ڪرڻ لاءِ اوهان به دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! 12 ديني ڪمن ۾ به خوب اڳتي وڌي حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم ! دنيا ۽ آخرت جون بيشمار ڀلائيون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار رسالو مطالعو به آهي.
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلْعِلْمُ بِالتَّعَلُّمِ علم سکڻ سان ايندو([2]) * دورِ حاضر جي برائين ۾ هڪ وڏي برائي اها به آهي ته ماڻهو علمِ دين کان پري ٿيندا پيا وڃن * ديني ڪتابَ پڙهڻ جو ذوق نه هجڻ جي برابر آهي * پهرئين دور جا ماڻهو ديني ڪتابن سان تمام گهڻي دلچسپي رکندڙ هئا *ڏينهن رات ڪتابَ