Achay Logon Ki Nishaniyan

Book Name:Achay Logon Ki Nishaniyan

ان جو اهو شان آهي، بيمار ٿي وڃي ته فرشتا ان وٽ موجود رهندا آهن، ڪو عيادت لاءِ اچي ته حڪم آهي ته زبان سنڀالي ويهي، ڪو به غلط جملو هتي زبان مان نه ڪڍي، ڇو ته ان جي زبان مان ڳالھ نڪرندي، فرشتا آمين چوندا ۽ چيل ڳالھ اهڙي طرح قبول ٿي ويندي.

هاڻي ڏسو! ٻانهو چاهي دنيا جو سڀ کان امير، ارب، کرب پتي ئي ڇو نه هجي، جڏهن ان جي دل ۾ ايمان جو نور موجود نه آهي ته اهو شان کيس نصيب نه آهي جيڪو هڪ عام غريب ترين مسلمان کي به نصيب آهي.

خبر پئي؛ ڀلو ايمان وارو آهي ڇوته ان سان فرشتا رهندا آهن. غير مسلم چاهي ڪيترو ئي امير ڪبير، پڙهيل لکيل، ٽپ ٽاپ ڇو نه هجي، اهو هرگز هرگز ڀلو نه بلڪ بڇڙو ئي بڇڙو آهي. الله پاڪ غير مسلمن جي متعلق فرمايو:

اُولٰٓىٕكَ هُمْ شَرُّ الْبَرِیَّةِؕ(۶) (پاره:30، سوره بينه:6)

ترجموڪنزالعرفان: اهي ئي سموري مخلوق مان سڀ کان بدتر آهن.

پيارا اسلامي ڀائرو! اَلحمدُ لِلّٰه! ايمان جي دولت اسان کي نصيب آهي، ان تي الله پاڪ جو شڪر به ادا ڪرڻ گهرجي، ان سان گڏ دعا به ڪرڻ گهرجي ته الله پاڪ اسان کي ايمان تي استقامت نصيب فرمائي.

دینِ اسلام پر مجھے یاربّ!                                                                اِستِقامت تُو مَرحَمَت فرما

موت اِیماں پہ دے مدینے میں                                اور  مَحْمُوْد  عاقِبت فرما

صَلُّوا عَلَی الْحَبیب!                             صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

(2): دين جي سمجھ ملڻ

پيارا اسلامي ڀائرو! ڀلي ٻانهي جي هڪ وڌيڪ نشاني ٻڌو! حديث پاڪ ۾ آهي: مَنْ يُرِدِ اللهُ بِهٖ خَيْرًا يُّفَقِّهْهٗ فِيْ الدِّيْنِ يعني الله پاڪ جنهن سان ڀلائي جو ارادو فرمائيندو آهي، کيس دين جي فقاهت (يعني سمجھ) عطا فرمائي وٺندو آهي. ([1])


 

 



[1]... بخاری، کتاب العلم، باب من یرد اللہ ...الخ، صفحہ:90 حدیث :71۔