Book Name:Achay Logon Ki Nishaniyan
ساڻ کڻي ايندو آهي، اسان لاءِ ته هي مفت جي غنيمت آهي، اسان ان جي مهمان نوازي ڪنداسين، ان سان حسنِ اخلاق سان پيش اينداسين، چڱي طرح خاطر داري ڪنداسين ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! بخشش جا حقدار ٿي وينداسين.
رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: لَاخَیْرَ فِیْمَنْ لَّا یُضَیِّفُ يعني ان ٻانهي ۾ ڪا ڀلائي ناهي، جيڪو مهمان نوازي ناهي ڪندو. ([1])
ڏسو! مهمان نوازي کي ڪيتري حد تائين اهميت ڏني پئي وڃي، هي ٻڌايو پيو وڃي ته ماڻهوءَ جي چڱائي ۽ برائي، سندس شر ۽ سندس ڀلائي جو معيار مهمان نوازي آهي * جيڪو مهمان نواز آهي * مهمان جي عزت ڪندو آهي * مهمان کي راحت ۽ آرام پهچائيندو آهي *مهمان گهر اچي ته خوشي سان ٻَهڪي پوندو آهي * اهو ماڻهو تمام سٺو آهي، ان جي ڪردار ۾، ان جي اخلاق ۾، ان جي سيرت ۽ ذات ۾ ڀلائي آهي ۽ * جيڪو ٻانهو مهمان جي عزت ناھي ڪندو* مهمان گهر اچي وڃي ته ان جو چهرو ڪومائجي ويندو آهي * دل ئي دل ۾ پريشان ٿي ويندو آهي * مهمان جي سٺي ميزباني ناهي ڪندو اهڙي ماڻهوءَ جي اخلاق ۽ ڪردار ۽ ان جي ذات ۾ ڪا ڀلائي ناهي.
مهمان نوازي جي فضيلتن تي حديثون
* حضرت انس رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو بيان آهي ته تاجدارِ مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: جنهن گهر ۾ مهمان هجي ان گهر ۾ خير و برڪت اهڙي طرح ڊوڙندي آهي جيئن اُٺ جي پُٺيءَ(ڪُوهان) تان لٺ (تيزي سان ڪرندي آهي) بلڪ ان کان به تيز. ([2])
وضاحت: اوهان اُٺ ڏٺو هوندو، اُٺ جي پُٺ جبل وانگي هوندي آهي، ان