Book Name:Achay Logon Ki Nishaniyan
الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
فَلَمَّا نَسُوْا مَا ذُكِّرُوْا بِهٖ فَتَحْنَا عَلَیْهِمْ اَبْوَابَ كُلِّ شَیْءٍؕ- (پارہ:7، سورۂ انعام:44)
ترجموڪنزالعرفان: پوءِ جڏھن اُھي نصيحتون وساري ويٺا، جيڪي کين ڪيون ويون ھيون, پوءِ اسان انهن تي هر شيء جا دروازا کولي ڇڏيا
يعني جڏهن ماڻهن الله پاڪ جي احڪامن کي وساري ڇڏيو ته الله پاڪ انهن تي هر شيءِ جا دروازا کولي ڇڏيندو آهي، هتان کان به رزق اچي رهيو آهي، هتان کان به ڪاميابي ملي رهي آهي، چوندا آهن نه؛ مٽيءَ کي هٿ لڳائي ته سون بڻجي وڃي. ان ٻانهي جي اها حالت ٿي ويندي آهي. پوءِ ڇا ٿيندو آهي:
حَتّٰۤى اِذَا فَرِحُوْا بِمَاۤ اُوْتُوْۤا اَخَذْنٰهُمْ بَغْتَةً فَاِذَا هُمْ مُّبْلِسُوْنَ(۴۴) (پاره:7، سوره انعام:44)
ترجمو ڪنزالعرفان: ايستائين جو جڏهن اهي ان تي خوش ٿي ويا جيڪي انهن کي ڏنيون ويون پوءِ اسان اوچتو انهن کي پڪڙي ورتو.
يعني جڏهن ٻانها نعمتن جي ڪثرت جي سبب غافل ٿي ويا، انهن نعمتن ۾ ئي خوش ٿيندا رهيا، اِترائيندا رهيا، پوءِ اوچتو اهڙي غفلت جي حالت ۾ انهن جي پڪڙ ٿي ويندي آهي.
امام حسن بصري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: جيڪڏهن توکي گناهن جي باوجود نعمتون ملي رهيون هجن ته ڊڄ! ته اها الله پاڪ جي خفيه تدبير ٿي سگهي ٿي. ([1])
خبر پئي؛ نعمتون ئي نعمتون ملنديون رهڻ، آزمائش نه اچڻ، هر ڀيري فضل جي علامت نه آهي، ڪڏهن ڪڏهن اها ناراضگي جي علامت به هوندي آهي جڏهن ته آزمائش هر ڀيري ئي فضل جي نشاني آهي. ڏسو! * جڏهن اسين بيمار ٿيندا آهيون ته ڪنهن کي ياد ڪندا آهيون؟ الله پاڪ کي