Book Name:Achay Logon Ki Nishaniyan
* محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: وَاِذَا اَرَادَ اللهُ بِعَبْدٍ خَيْرًا اسْتَعْمَلَهٗ عَلٰی قَضَاءِ حَوَائِجِ النَّاسِ يعني الله پاڪ جنهن ٻانهي سان ڀلائي جو ارادو فرمائيندو آهي ته ان کان ماڻهن جون حاجتون پوريون ڪرڻ جو ڪم وٺندو آهي. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! ماڻهن جون حاجتون اسان سان لاڳاپيل ٿي وڃن ته ڪڏهن ڪڏهن اسان تنگ ٿي ويندا آهيون * هتان کان هڪ آيو: ٿورو قرض گهرجي* ڪنهن جو فون آيو: معاملن ۾ ڦاٿل آهيان، ٿوري مدد ڪري ڇڏيو! * ڪو ڪجھ چئي رهيو آهي، فلاڻو پنهنجون حاجتون کڻي اچي رهيو آهي. اسان تنگ ٿي ويندا آهيون ته ادا منهنجي به ڪا زندگي آهي يا نه؟ مون کي پنهنجا به ته ڪم ڪرڻا هوندا آهن. نه...!! ائين نه ڪريو! الله پاڪ ماڻهن جون حاجتون اوهان سان وابسته ڪيون آهن، اوهان سندن حاجتون پوريون ڪريو! اوهان جو هي ئي ڪم آهي. حديث شريف مطابق جيڪو ٻانهو ٻين جون حاجتون پوريون ڪرڻ ۾ لڳل رهندو، الله پاڪ ان جا ڪم بڻائيندو رهندو آهي. ([2])
* پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: الله پاڪ جنهن ٻانهي سان ڀلائي جو ارادو فرمائيندو آهي ، ان جي دل کي دعا ڏانهن مائل فرمائي ڇڏيندو آهي.
الله اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! دعا عبادت جو مغز آهي، ان کي افضل عبادت فرمايو ويو آهي. افسوس! اسان وٽ دعائن جو رجحان گهٽ ٿي ويو آهي. اسان پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سيرتِ پاڪ