Book Name:Achay Logon Ki Nishaniyan
اي عاشقانِ رسول! سچ ڳالهائڻ سنتِ مصطفيٰ آهي * اسان جا پيارا آقا، مديني وارا مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هميشه سچ ڳالهائيندا هئا * ان ئي ڪري ماڻهو پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي صادق ۽ اَمين جي لقب سان ڄاڻيندا هئا* حضرت عبد الله بن سلام رَضِیَ اللهُ عَنْہُ اڃا ايمان نه آندو هئو ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڏسندي ئي پڪاريو: وَجْھُہٗ لَیْسَ بِوَجْہِ کَذَّابٍ هي مبارڪ چهرو ڪوڙ ڳالهائڻ واري جو چهرو ناهي، پوءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ اسلام قبول ڪري ورتو.
پيارا اسلامي ڀائرو! ڪوڙ ڳالهائڻ گناھ آهي، اسان کي سنتِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي عمل ڪندي هميشه سچ ئي ڳالهائڻو آهي. الله پاڪ اسان سڀني کي هميشه سچ ڳالهائڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .
مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبـﺔ المدينه جو شايع ٿيل بهار شريعت جلد: 3 مان حصو 16 ۽ شيخ طريقت، امير اهل سنت مولانا الياس قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَہ جو 91 صفحن تي مشتمل رسالو 550 سنتون ۽ آداب خريد فرمايو ۽ پڙهو. سنتون سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر ڪرڻ به آهي.
آؤ قافِلے میں ہم کریں مل کر سفر سنّتیں سیکھیں گے اِس میں اِنْ شَآءَ اللہ سر بَسَر
تیس تیس اور بارہ بارہ دن کے قافلے میں سفر کرتے رہو جب بھی تمہیں موقع ملے
الله پاڪ اسان کي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري