Book Name:Achay Logon Ki Nishaniyan
رسول هن مدني مذاڪري ۾ پاڻ به شرڪت فرمايو ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏيو * شيخِ طريقت، امير اهلسنت هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ جي ترغيب ارشاد فرمائيندا آهن، ايندڙ هفتي جي مدني مذاڪره ۾ ”بي حشاب مغفرت ڪرائيندڙ عمل“ رسالي جو اعلان ڪيو ويندو. هي رسالو پاڻ به پڙهو! ٻين کي به ترغيب ڏياريو ۽ جيڪي سوشل ميڊيا مثلاً واٽس اپ وغيره استعمال ڪن ٿا، رضائي الهي ۽ ثواب لاءِ هي رسالو ٻين ڏي به شيئر (Share) ڪيو! * مڪتبة المدينه حضرت امام جلال الدين سيوطي شافعي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي مشهور ڪتاب شرح الصدور کي اردو ترجمي سان شايع ڪيو آهي. هي ڪتاب موت، برزخ، قبر ۽ آخرت جي احوالن تي نهايت دلنشين ۽ ايمان افروز انداز ۾ روشني وجهي ٿو. هن ڪتاب کي مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ تان 700 روپين ۾ قيمتاً طلب فرمايو. پاڻ به پڙهو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.
صَلُّوا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سنت جي فضيلت ۽ چند آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاهِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنّت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
2 فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: (1): سچ ڳالهائڻ نيڪي آهي ۽ نيڪي جنت ۾ وٺي ويندي آهي . ([2]) (2): پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان پڇيو ويو: جنتي عمل ڪهڙو آهي؟ فرمايو: سچ ڳالهائڻ. ([3])