Achay Logon Ki Nishaniyan

Book Name:Achay Logon Ki Nishaniyan

نومبر مهينو قافلي جو مهينو

پيارا اسلامي ڀائرو! دعوتِ اسلامي هڪ دفعو وري ملهائي رهي آهي؛ نومبر مهينو قافلي جو مهينو.

جنهن ۾ سڄي ملڪ کان عاشقانِ رسول * 12 ماھ * هڪ ماھ* 12 ڏينهن * ۽ 3 ڏينهن جي قافلن ۾ سفر ڪري رهيا آهن. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! راھ خدا ۾ سفر ڪرڻ تمام فضيلت وارو ڪم بلڪ انبياءِ جي سُنت آهي.

توهان به قافلي ۾ سفر ڪرڻ جي ڪوشش فرمايو! ٿي سگهي ته هيئنر پنهنجي نيت درج ڪرايو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! تمام برڪتون ملنديون * قافلي ۾ فرض علمِ دين سيکاريو ويندو آهي *سنتون سيکاريون وينديون آهن* تهجد پڙهڻ جي سعادت ملي ٿي * نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو * قافلي جي برڪت سان دعائون پوريون ٿيڻ * مشڪلاتون دور ٿيڻ * بيمارين کان شفا ملڻ جا به سوين واقعا آهن * ائين به ٿيو آهي ته قافلي ۾ سفر ڪندڙ عاشقانِ رسول جي حوصلہ افزائي لاءِ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪرم فرمايو، خواب ۾ تشريف کڻي آيا ۽ قافلي وارن کي ديدار جو جام پيئاريو. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّوا عَلَی الْحَبیب!                                        صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

 ڪجھ ضروري اعلان

* ڪجھ ضروري اعلان ٻڌندا: هر هفتي اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه مدني چينل تي لائيو هفتيوار مدني مذاڪره فرمائيندا آهن، ايندڙ هفتي به مدني چينل تي عشاء کان پوءِ (تقريبا 8:30 منٽ تي) اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! هفتيوار مدني مذاڪره ٿيندو جنهن ۾ اميرِ اهلسنت مولانا الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  سوالن جا جواب به عنايت فرمائيندا. سڀئي ذميدار ۽ عاشقانِ