Achay Logon Ki Nishaniyan

Book Name:Achay Logon Ki Nishaniyan

اِبْنُ الْوَقْت ڪنهن کي چوندا آهن؟

صوفي سڳورن وٽ هڪ اصطلاح ڳالهائي ويندي آهي: اِبنُ الوقت. چوندا آهن: اَلصُّوفِيُّ اِبْنُ الْوَقْتِ يعني صوفي ابنُ الوقت هوندو آهي. ابنُ الوقت جي اها ئي معنيٰ آهي ته صوفي هر وقت اهو ئي ڪم ڪري رهيو هوندو آهي، جيڪو ان لمحي ان تي لازم هوندو آهي.  ([1])

بس اسان کي به گهرجي ته اسان ابنُ الوقت بڻجي وڃون. يعني هر لمحي ان ئي ڪم ۾ مصروف هجون جيڪو ان لمحي اهم ۽ لازم هجي. الله پاڪ اسان کي ان جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّی  اللہ  عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم.

(3): آزمائش ۾ مبتلا ٿيڻ

پيارا اسلامي ڀائرو! ڀلي ٻانھي جي نشاني ڇا آهي؟ ان حوالي سان هڪ ٻي حديث پاڪ ٻڌو! حضرت ابوهريره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کان روايت آهي، رسول ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: مَنْ ‌يُّرِدِ ‌اللهُ بِهٖ خَيْرًا ‌يُصِبْ ‌مِنْهٗ  يعني الله پاڪ جنهن ٻانهي سان ڀلائي جو ارادو فرمائيندو آهي، کيس آزمائش ۾ مبتلا فرمائي ڇڏيندو آهي. ([2])

اللهُ اڪبر! ڪيڏي نرالي ڳالھ آهي. اسان وٽ ماڻهو ان جي اُبتڙ هلندا آهن. ڪنهن کي پئسا ملي رهيا آهن، مال و دولت جي ڪثرت ٿي رهي آهي، جتي وڃن ٿا ڪاميابي ئي ملي ٿي، ان جي متعلق ماڻهو چوندا آهن: هن تي الله پاڪ جو وڏو فضل آهي. ان کان الله پاڪ راضي آهي.

ٿي سگهي ٿو ته ان کان به الله پاڪ راضي هجي، البته ! الله پاڪ جي فضل جي نشاني آزمائش آهي. مال و دولت ملڻ هر ڀيري فضل جي نشاني نه هوندو آهي بلڪ مال و دولت جي ڪثرت ڪڏھن ڪڏھن الله پاڪ جي ناراضگي جي نشاني هوندي آهي.


 

 



[1]... رسالہ قشیریہ ، باب فی تفسیرالفاظ  تدور...الخ، صفحہ:90۔

[2]...بخاری، کتاب المرضی، باب ماجاء فی کفارۃ المریض، صفحہ:1432، حدیث:5645۔