Book Name:Achay Logon Ki Nishaniyan
پڙهندا هئا * تنهنڪري انهن وٽ ديني معلومات به گھڻي هوندي هئي ۽ *زندگي به پاڪيزه رهندي هئي.
اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جي خصوصيت آهي ته سائين پاڻ به علمِ دين جا تمام گهڻا شوقين آهن ۽ عاشقانِ رسول کي به ديني ڪتابَ پڙهڻ جو شوق ڏياريندا آهن * پاڻ هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ جو فرمائيندا آهن * مختصر رسالو هوندو آهي * چند منٽن ۾ پڙهيو ويندو آهي. اوهان به پڙهندا ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻو فائدو ٿيندو * ديني معلومات وڌندي * علمِ دين سکڻ جو ثواب ملندو * ديني ڪتاب پڙهڻ سان دماغ به کلي ٿو *. نظر وسيع ٿيندي آهي * حڪمت ملي ٿي * سوچ پاڪيزه ٿئي ٿي ۽ *زندگي ۾ خوبصورتي اچي وڃي ٿي * جديد سائنسي تحقيقات مطابق ڪتاب پڙهڻ سان دماغي بيمارين کان حفاظت ٿيندي آهي.
هر هفتي پابندي سان هفتيوار رسالو پڙهڻ جي نيت فرمايو! اچو ترغيب لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون
هند جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي: مان ڪفر جي اونداهين ۾ ڀٽڪي رهيو هئس، هڪ ڏينهن ڪنهن شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت مولانا محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جو رسالو احترامِ مسلم تحفي ۾ ڏنو. مون پڙهيو ته حيران رهجي ويس ته جن مسلمانن کي مون هميشه نفرت جي نگاھ سان ڏٺو آهي انهن جو مذهب اسلام ايتري قدر امن جو پيغام ڏئي ٿو! رسالي جي تحرير تاثير جو تير بڻجي منهنجي دل ۾ لهي وئي ۽ دل ۾ اسلام جي محبت گهر ڪري وئي. هڪ ڏينهن مان بس ۾ سفر ڪري رهيو هئس ته ڪجھ ڏاڙهي ۽ عمامي وارن اسلامي ڀائرن جو قافلو به بس ۾ سوار ٿيو، مان ڏسندي ئي سمجهي ويس ته هي مسلمان آهن، منهنجي دل ۾ اسلام جي محبت ته پيدا ٿي ئي چڪي هئي تنهنڪري مان احترام جي نظر سان انهن کي ڏسڻ لڳس، ايتري ۾ هڪ اسلامي ڀاءَ نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي شان ۾