$header_html

Book Name:Achay Logon Ki Nishaniyan

جي مٿان ڪا به شيءِ بيهندي ناهي، ان تي جيڪڏهن لَٺ رکجي ته تيزيءَ سان لهي هيٺ اچي ويندي، پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هن مثال ذريعي سمجهايو ته جيڪڏهن اُٺ جي ٿُوهي تي لٺ رکجي ته جيتري تيزي سان اها لٺ لهي هيٺ ايندي، جيڪو ٻانهو مهمان نوازي ڪندو آهي، خير ۽ برڪت ان کان به تيزي سان ان خوش نصيب جي گهر جي طرف وڌندي آهي.

* هڪ ٻي ايمان افروز روايت ٻڌو! حضرت انس رَضِیَ اللهُ عَنْہُ پنهنجي ڀاءُ حضرت براء بن مالڪ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کي فرمايو ته اي براء! ماڻهو جڏهن پنهنجي (ديني) ڀاءُ جي صرف رضائي الهي لاءِ مهمان نوازي ڪندو آهي ۽ ان جي ڪا جزا ۽ شڪريو طلب ناهي ڪندو ته الله پاڪ ان جي گهر ۾ 10 فرشتن کي موڪليندو آهي جيڪي پورو سال ان جي گهر ۾ رهندا آهن  ۽ الله پاڪ جي تسبيح به ڪندا آهن ، ان جي پاڪائي به بيان ڪندا آهن ، الله پاڪ جي ڪبريائي به بيان ڪندا آهن ۽ گهر وارن لاءِ بخشش جي دعا به ڪندا رهندا آهن.

جڏهن سال پورو ٿي ويندو آهي ته انهن فرشتن جي پوري سال جي عبادت جي برابر گھر جي مالڪ جي عمل نامي ۾ عبادت لکي ويندي آهي ۽ ان سان گڏ آخرت ۾ کيس اها جزا ملندي ته الله پاڪ کيس جنت جا لذيذ کاڌا کارائيندو. ([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! ڪيڏي زبردست فضيلت آهي * مهمان گهر اچي، ان جي چڱي طرح مهمان نوازي ڪريو! * بدلي ۾ ڇا ملندو؟ اسان جو گهر خير ۽ برڪت جو ٺڪاڻو بڻجي ويندو* فرشتا اسان جي گهر تشريف کڻي ايندا * اسان جي گهر ۾ رهي الله پاڪ جا معصوم فرشتا الله پاڪ جو حمد ۽ ثناء ڪندا *۽ اسان لاءِ بخشش جون دعائون ڪندا. هي زبردست فضيلتون آهن. جيڪڏهن خوش قسمتي سان مهمان گهر تشريف آڻين ته انهن روايتن کي ذهن ۾ رکي چڱي انداز سان انهن جي مهمان نوازي ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!    پوري سال تائين گهر خير ۽ برڪت جو ٺڪاڻو بڻجي ويندو.

پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جنهن سان ڀلائي جو ارادو فرمائيندو آهي،


 

 



[1]... معرفۃ الصحابۃ لابی نعیم، جلد:1، صفحہ:339، حدیث:1154۔



$footer_html