Book Name:Achay Logon Ki Nishaniyan
سُبْحٰنَ اللہ! اها آهي ڀلي ٻانھي جي نشاني...!! الله پاڪ جنهن ٻانھي سان ڀلائي جو ارادو فرمائيندو آهي، جنهن تي پنهنجو خاص فضل و ڪرم فرمائيندو آهي، ان جي نشاني ائين ظاهر ٿيندي آهي ته ٻانھي کي دين جو فقيه (يعني دين جي سمجھ رکندڙ) بڻايو ويندو آهي.
اها ڳالھ ياد رکو! علم ۽ فقاهت ۾ تمام گهڻو فرق آهي. فقاهت جو مطلب هوندو آهي: ٻانھي کي ڪڏهن ڇا ڪرڻو آهي؟ ڪيئن ڪرڻو آهي؟ ان جي سمجھ نصيب ٿي وڃي.
مثال طور * هڪ ماڻهو وضو ڪري رهيو آهي، ان کي معلوم آهي ته مسواڪ (ڏندڻ) ڪرڻ سنت آهي ۽ اهو مسواڪ به ڪري رهيو آهي، اتي جماعت شروع ٿي وئي. هاڻي ٻه صورتون ٿينديون، هڪ اها ته ماڻهو هتي مسواڪ ئي ڪندو رهي، اتي جماعت گذري وڃي. اها فقاهت نه هجڻ جي نشاني آهي. ٻي صورت اها ته ماڻهو في الحال مسواڪ جي سنت کي ڇڏي ۽ جلديءَ مان جماعت ۾ شامل ٿئي، اها فقاهت آهي * اهڙي طرح ٻانهو غريب آهي، ان تي زڪوات فرض نه آهي، نماز ان تي فرض آهي پر اهو نماز جا احڪام نه سکي، زڪوات جا احڪام سکي، اها به فقاهت نه هجڻ جي نشاني آهي. مطلب ته؛ ٻانھي کي اها خبر پئجي وڃي ته مون کي ڪڏهن ڇا ڪرڻو آهي؟ ان کي فقاهت چئبو. ان جو هڪ مثال اسان کي حديث پاڪ ۾ به ملي ٿو:
بني اسرائيل جي عبادت گذار جو واقعو
پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: اڳين اُمتن ۾ جُرَيج نالي هڪ شخص هو، وڏو عبادت گذار هو.
وضاحت ڪري ڇڏيان، هي حضرت جُرَيج رَحْمَةُاللّٰهِ عَلَیْهِ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ وڏو مقام رکندڙ هو. ڪجھ روايتن ۾ ائين به آهي ته اهي پهريان واپار ڪندا هئا، کين واپار ۾ ڪڏهن فائدو ٿيندو هو، ڪڏهن نقصان ٿيندو هو. هڪ دفعو هن سوچيو: ڇڏيو بس! هاڻ اهو واپار ڪيون ٿا جنهن ۾ نقصان نه ٿئي.