Achay Logon Ki Nishaniyan

Book Name:Achay Logon Ki Nishaniyan

فرمائيندو آهي، انهن کي غيب جو علم به بخشيو ويندو آهي، اهي اهو ڪجھ ڏسي سگهندا آهن جيڪو عام ماڻهن کي نظر نه ايندو آهي، اهي اهو ڪجھ ڄاڻي وٺندا آهن، جيڪو عام ماڻهن کي معلوم نه هوندو آهي.

اَولیا ہیں سب سَلاطیں ہم رِعَایا و غُلام

اَوْلیا سب ہیں رعیت اور سُلطاں غوثِ پاک

هر چمڪندڙ شيءِ سون نه هوندي آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! هن حديث پاڪ مان هڪ اهم ڳالھ جيڪا اسان کي سکڻ لاءِ ملي، اُها هيءَ  ته اسان وٽ ڀلائي برائي جو معيار ٻيو آهي، الله پاڪ وٽ ڪجھ ٻيو آهي. اسين  ظاهر کي ڏسندا آهيون، ٻانهو وڏو امير  آهي، ان کي ڏسي اسان جي دل مائل ٿي ويندي آهي * ڪنهن جو ڪاروبار سٺو ٿي رهيو آهي، اسين چوندا آهيون: هن تي خدا جو وڏو فضل آهي. ٿي سگهي ٿو ته هن تي خدا جو وڏو فضل هجي پر ان جي ابتڙ به ٿي سگهي ٿو * ڪو غريب مان امير ٿي وڃي، اسين چوندا آهيون: هن تي خدا تمام مهربان آهي. ڪو امير مان غريب ٿي وڃي، اسين چوندا آهيون: هن کان ضرور ڪو گناھ ٿيو آهي، الله پاڪ ان کان سخت ناراض آهي.

يعني اسين ماڻهو ظاهري ٽپ ٽاپ، شان و شوڪت ۽ عزت  ۽ شهرت کي ڏسي رهيا هوندا آهيون. پر ياد رکو! جيئن هر چمڪندڙ شيءِ سون نه هوندي آهي، ايئن ئي هر دنياوي شان و شوڪت، عزت و شهرت الله پاڪ وٽ مقبوليت جو دليل نه هوندو آهي.

الله پاڪ وٽ مقبوليت جو دليل ڇا آهي؟ اسين ڪنهن کي چئي سگهون ٿا ته ان تي خدا تمام مهربان آهي؟ ان تي الله پاڪ جو وڏو فضل آهي؟ اچو! هن حوالي سان هڪ آيتِ سڳوري ۽ ڪجھ حديثون ٻڌون ٿا:

(1): ايمان ملڻ فضل جو دليل آهي

الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو: