Achay Logon Ki Nishaniyan

Book Name:Achay Logon Ki Nishaniyan

* جڏهن ڪاروبار بند ٿيندو آهي ته ڪنهن کي ياد ڪندا آهيون؟ الله پاڪ کي * تنگدستي ۾ ڪنهن کي سڏيندا آهيون؟ الله پاڪ کي * خدانخواسته زلزلو اچي وڃي، ٻوڏ اچي وڃي، تيز هوائون هلن ته غافل ترين ماڻهو به ڪلمي شريف جو ورد شروع ڪري ڇڏيندا آهن. خبر پئي؛ الله پاڪ جنهن بندي سان ڀلائي جو ارادو فرمائيندو آهي، کيس آزمائش ۾ وجهندو آهي، جڏهن بندي تي آزمائش ايندي آهي ته غفلت جو پردو ڦاٽي پوندو آهي ۽ بندو يادِ خدا ۾ مصروف ٿي ويندو آهي.

هڪ ملحد جو ايمان آڻڻ

هڪ ملحد هو. اهو ماڻهو، جيڪو الله تعاليٰ جي وجود کان ئي انڪار ڪري، ان کي ملحد چئبو آهي. هي به الله تعاليٰ جي وجود کان انڪاري هو، چوندو هو ته هي دنيا بس خود بخود بڻجي وئي، هاڻي پاڻهي هلي پئي. هڪ دفعو ائين ٿيو ته سندس ڌيءَ بيمار ٿي پئي. ڊاڪٽرن وٽ پهتو، ڊاڪٽر چيڪ اپ ڪيو ، دوائون ڏيون پر شفا ملي ئي نه ٿي.

آخر ڊاڪٽرن سندس ڌيءَ کي جواب ڏيئي ڇڏيو ته هاڻي هي بچي نه سگهندي. هن ملحد کي ڌيءَ سان تمام گهڻو پيار هو، تمام ڏکارو ٿيو، هاڻي هو ڪنهن جي حضور دعا ڪري. خدا کي ته هي مڃيندو ئي نه هو. پر هاڻي ڌيءَ جي جان جي لڳل هيس. آخر جڏهن هر طرف کان مايوس ٿي ويو ته هي اڪيلائي ۾ ويو، دعا لاءِ هٿ کنيائين ۽ روئيندي چيائين: اي الله پاڪ! جيڪڏهن واقعي تنهنجو وجود آهي ته مون کي تنهنجي مدد جي ضرورت آهي. اي الله پاڪ! مان بلڪل بي وس آهيان، منهنجي مدد فرماءِ، منهنجي ڌيءَ کي شفا نصيب ڪر.

بس سندس ٻاڏائڻ جي دير هئي ته الله پاڪ جي بارگاھ ۾ سندس دعا قبول ٿي ۽ سندس ڌيءَ تندرست ٿي وئي. هاڻي هي مڃي ويو ته خدا جو وجود واقعي آهي. پر هاڻي کيس پريشاني هئي ته خدا جو وجود ته آهي پر مان ڪهڙي خدا جي عبادت ڪريان. دنيا ۾ گهڻا ئي مذهب آهن، سڀ الڳ الڳ خدا جي پوڄا ڪن ٿا. جڏهن هي هن ڪشمڪش ۾ هو ته ڪنهن کيس قرآنِ ڪريم جو تحفو پيش ڪيو. هن قرآنِ ڪريم جي تلاوت شروع ڪري ڏني. جڏهن جڏهن قرآنِ ڪريم پڙهندو ويو، دل تان ڪاراڻ لهندي وئي، آخر سندس دل ۾ ايمان جو