Book Name:Achay Logon Ki Nishaniyan
ان کي اڃا ڇا ڪجھ عطا ٿيندو آهي ، ان تعلق سان وڌيڪ روايتون به آهن، مان مختصراً اهي روايتون عرض ڪريان ٿو:
* پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: الله پاڪ جنهن سان ڀلائي جو ارادو فرمائيندو آهي ، ان کي سُٺا اخلاق عطا فرمائيندو آهي. ([1])
معلوم ٿيو؛ ڀلو ٻانهو اهو آهي جيڪو سٺن اخلاقن وارو هجي.
* نبين جا نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: الله پاڪ جنهن سان ڀلائي جو ارادو فرمائيندو آهي ، ان کي ماڻهن جو محبوب بڻائيندو آهي. ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته ڪيئن محبوب بڻائيندو آهي؟ الله پاڪ ان کي مرڻ کان پهريان نيڪ عملن جي توفيق عطا ڪندو آهي، بس ان جا پاڙيسري ۽ ويجهو رهڻ وارا ان کان راضي ٿي ويندا آهن. ([2])
قناعت ۽ برڪت عطا ڪئي ويندي آهي
* محبوبِ خدا، احمدِ مجتبٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جڏهن الله پاڪ ڪنهن ٻانهي سان ڀلائي جو ارادو فرمائيندو آهي ته ان کي ڏنل رزق تي راضي ڪندو آهي ۽ ان ۾ برڪت عطا فرمائيندو آهي. ([3])
معلوم ٿيو؛ الله پاڪ جيڪو ڪجھ عطا فرمايو آهي، جيڪو ان تي راضي آهي، اهو ڀلو ٻانهو آهي. گھڻي کان گھڻي جو طلبگار آهي، پوءِ ڀلي اهو ڪروڙ پتي هجي، ڀلي غريبن جو غريب هجي، جڏهن الله پاڪ جي تقسيم تي راضي ناهي ته هرگز ڀلو ٻانهو ناهي.