Achay Logon Ki Nishaniyan

Book Name:Achay Logon Ki Nishaniyan

فَمَنْ یُّرِدِ اللّٰهُ اَنْ یَّهْدِیَهٗ یَشْرَحْ صَدْرَهٗ لِلْاِسْلَامِۚ- (پاره: 8، سوره انعام:125)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ جنهن کي الله هدايت ڏيڻ چاهيندو آهي ته ان جو سينو اسلام جي لاءِ کولي ڇڏيندو آهي.

سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو؛ ڀلو اهو آهي جنهن کي اسلام سمجھ ۾ اچي ويو، جنهن جو سينو ايمان لاءِ ڪشادو ڪيو ويو. جنهن کي ايمان جي دولت نصيب نه آهي، اهو چاهي امير هجي، ڪروڙ نه بلڪ ارب کرب پتي هجي، دنيا جو سڀ کان طاقتور ترين ماڻھو هجي، جنهن جي اشارن تي لکين ماڻهو هلن، جيڪڏهن ايمان نصيب نه آهي ته هي سڀ مال، دولت، طاقت، قوت ان تي فضل نه بلڪ غضب آهي، مهرباني نه، قهر آهي.

۽ جنهن کي ايمان جي دولت نصيب ٿئي، اهو چاهي ڦاٽل پراڻن ڪپڙن ۾، معمولي جھوپڙي ۾ ئي ڇو نه هجي، اهو ڀلو ٻانهو آهي.

مريض وٽ سٺي ڳالھ چئو!

مسلم شريف ۾ حديث آهي، رسول اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: اِذَا حَضَرْتُمُ الْمَرِیْضَ جڏهن توهان (مسلمان) مريض وٽ وڃو ته فَقُوْلُوْا خَیْرًا اتي زبان مان صرف سٺي ڳالھ ئي ڪڍو!

ان جو سبب ڇا آهي؟ فرمايو: فَاِنَّ الْمَلَائِكَةَ یُؤَمِّنُونَ عَلٰی مَا تَقُوْلُونَ بيشڪ (مريض وٽ ويهي) جيڪو توهان چئو، فرشتا ان تي آمين چوندا آهن. ([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! اهو شان مسلمان جو شان آهي. هن حديث پاڪ ۾ ڪو قيد نه آهي ته * وقت جي غوث وٽ ويهو يا * ولين جي ولي وٽ ويهو. بلڪ ڪو * عام مسلمان ڀلي اهو امير نه هجي * ڀلي اهو گنهگار ئي هجي * چاهي معمولي جهوپڙيءَ ۾ رهندو هجي * چاهي پوري شهر ۾ سڀ کان وڏو غريب هجي، جيڪڏهن ان جي دل ۾ نورِ ايمان موجود آهي ته


 

 



[1]... مسلم، کتاب الجنائز، باب مایقال عند المریض و المیت، صفحہ:330، حدیث:919۔